سنڌ نيشنل پارٽي پاران سھراب ڳوٺ ٽائون ۾ ڌاري آبادڪاري، ڊجيٽل آدمشماري خلاف ريلي

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ نيشنل پارٽي پاران سھراب ڳوٺ ٽائون ۾ ڌاري آبادڪاري، ڊجيٽل آدمشماري ۽ سنڌ دشمني نامنظور ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ريلي جي قيادت سنڌ نيشنل پارٽي جي سينيئر وائيس چيئرمين رمضان بليدي، نياز بليدي، جاني ڦلپوٽو، سردار لغاري، رياض بليدي، رفيق مھر ۽ ٻين ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن جي ھٿن ۾ بينر پلي ڪارڊ کنيل ھئا جن ۾ ڌاري آبادڪاري. ڊيجيٽل آدمشماريءَ ۽ سنڌ دشمني نامنظور جا نعره لکيل ھيا. ان موقعي ريلي کي خطاب ڪندي رمضان بليدي، نياز بليدي چيو ته سنڌ اسان جو ھزارين سالن کان تاريخي وطن آھي، جنھن جا وارث صرف سنڌي آهن، سنڌ اندر پناهه وٺي ڪاروبار ڪندڙ افغان پناهگير سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جا ذميوار آهن. ھنن چيو ته غير ملڪي پناهگيرن جي نيڪالي لاءِ اردو ڳالهائيندڙن کي به آواز اٿارڻ گھرجي ھي افغان پناهگير اسان سڀني لاءِ نقصانڪار ثابت ٿين پيا. ان ڪري افغانين جي نيڪالي جي لاءِ اردو ڳالھائيندڙ بھ آواز اٿارين ھن چيو ته تازو سنڌ ۾ آيل ٻوڏ سبب جيڪا لڏپلاڻ ٿئي آھي. جنھن ۾ سنڌ جا ڪافي ماڻهو پنھنجا ڳوٺ خالي ڪري ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا آهن. ان صورتحال۾ ھي ڊيجيٽل آدمشماريءَ ڪرڻ ممڪن ئي نه آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں