سنڌ ۾ نئين جوت جلائڻ لاءِ سنڌ مارچ…!

صوفي طارق علي کوسو
سنڌ م گذريل ڪيتري ئي وقت کان سنڌ جو سياسي، سماجي ۽ معاشي طرح نقصان ئي نقصان ٿيندو آيو آھي، جنھن ۾ ڪڏھن ٻٽي نظام جي صورت ۾ ته وري ڪڏھن سنڌ جي عوام جي ووٽن تي ڌاڙو ھنيو ويندو آھي پر ڪڏھن به سنڌ جي حاڪم جماعت سنڌ جي ماڻھن جي سار نه لڌي آھي. سنڌ جي حڪمران جماعت سدائين پنھنجن مفادن کي اھميت ڏني آھي انھن لاءِ ڌرتي ڪائي معني نٿي رکي. جيڪڏھن انھن لاءِ ڌرتي، وطن پنھنجي پياري سنڌ اھميت رکي ھا ته اھي ماضي ۾ ٻٽو نظام سنڌ جي مٿان رائج نه ڪن ھا. سنڌ جا ٻيٽ ائين وفاق حوالي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪن ھا.ھن وقت به انھي معاملن م مصروف آھن ته ڪئين به ڪري ھڪ دفعو ٻيھر اقتدار پنھنجي قبضي ھيٺ رکجي. جنھن سان ايندڙ 5 سالن تائين سنڌ مٿان حڪومتي تخت تي ويھي ھميشه جيان سنڌ جي استحصال کي برقرار رکجي پر ھن وقت اھو تمام مشڪل ٿو لڳي. ھي اھي ساڳيا ئي حاڪم جابر ھئا جن جي ھجڻ باوجود به بحريه ٽائون جي پرائيوئٽ سيڪورٽي عملي سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۽ سنڌ جي نياڻين کي لٺيون ھڻي رتورت ڪري ڇڏيو. پر ٻئي پاسي انھي نياڻين جي رت ء انھن جي پوتي کان خالي ٿيل مٿي کي ڏسي سنڌ جي قومپرستن بحريه ٽائون خلاف 6 جون تي احتجاج جو اعلان ڪيو تنھن کان پوء ڇا ٿيو اھو سڄي سنڌ جي سامھون آھي. تنھن کان پوءِ سنڌ جي قومي ڪارڪنن توڙي اڳواڻن مٿان ھڪ ئي وقت 32 ڪيس ڪيا ويا تاريخ م اڳ ڪڏھن به ائين نه ٿيو ھوندو ته ڪنھن به سياسي ماڻھن جي مٿان ھڪ ئي ڏينھن م ايترا ڪيس ٿيا ھجن. حڪمرانن طرفان ھميشه سنڌ ڌرتي کي لٽيو آھي بحريه ٽائون واري مسئلي تي دنيا ڏٺو ته سنڌ جي ماڻھن ۽ سنڌ جي قومپرستن ڪئين ملھايو. پر اھي ھن وقت تائين سنڌ جي مسئلي تي پوئتي نه ھٽيا آھن ھن وقت به سنڌ جي مسئلن تي ھميشه جيان اٿي بيٺا آھن. ھن وقت جڏھن سنڌ کي ھٿرادو ٻوڏ م ٻوڙيو ويو. سنڌ سان سنڌ حڪومت جيڪا ويساھ گھاتي ڪئي آھي شايد تاريخ م اڳ ڪڏھن ائين نه ٿيو آھي ته ڪنھن ملڪ، رياست ء صوبي جي حڪومت پنھنجي عوام کي ڪنھن مصيبت ھيـٺ آندو ھجي ٻوڏ کان اڳ م بندن جو مرمتي ڪم نه ڪرڻ ء ٻوڏ اچڻ کان پوء بندن کي ھٿ سان ڪٽ ڏئي پاڻي جو رخ شھرن جي طرف ڪرڻ عوام کي ھڪ ڊگھي عرصي لاء دربدر ڪري ڇڏڻ. انھي عمل کي ڏسي ذھن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. سنڌ جي عوام جو ووٽ انھن جي ئي خلاف ٿو استعمال ٿئي. پيپلز پارٽي مسلسل 15 سالن کان سنڌ مٿان حڪمراني ڪري رھي آھي پر سدائين سنڌ مخالف فيصلا ڪندي اچي. سنڌ حڪومت جي انھي عمل کي ڏسي سنڌ مارچ جي ناؤ سان سنڌ يونائينڊ پارٽي پيادل مارچ ڪري رھي آھي سنڌ سان ان عشق واري پنڌ تي 15 فيبروري کان سکر کان نڪتل آھن. اچو ته انھي کي سمجھون ته سنڌ يونائٽيڊ پارٽي کي ھن وقت پيادل مارچ ڪرڻ جي آخر ڪھڙي ضرورت پئي. اچو انھي کي سمجھون ته سنڌ جا ماڻھو سنڌ مارچ لاء ڇا ٿا سوچين. سنڌ پيادل مارچ، سنڌ جي سياسي، سماجي ء معاشي بحالي لاء پيرين پنڌ نڪتل آھي.ھن وقت سنڌ کي اھڙي قدم جي سخت ضرورت ھئي. جنھن سان ڪيترين ئي سالن جي ڇائيل خوف کي ختم ڪري سگھجي ٿو. اھا گھڻي حد تائين ضرورت بڻيل آھي ته سنڌ جي عوام مان پيپلز پارٽي جو خوف ڪڍي سگھجي . انھي سفر سان حڪمرانن کي سڄي دنيا اڳيان وائکو ڪرڻ جو موقعو آھي جنھن سان پوري دنيا کي خبر ڏيڻي آھي ته سنڌ جي حڪمرانن ۽ جابرن جي بديانيتي، بدعنواني ۽ مڪمل ڪرپشن ء سنڌ سان ويساھ گھاتي کي ظاھر ڪرڻ جو موقعو آھي. دنيا کي ٻڌائجي ته سنڌ حڪومت جي بدديانتي، بي ايماني ء ڪرپشن کي بي نقاب ڪجي. سڄي دنيا مان غريبن جي مدد لاءِ مليل فنڊن کي ڪرپشن جو ڪيڙو کائي ويو. سنڌ مارچ کي سنڌ جا ماڻھو محبتون ارپين پيا. جنھن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو. سنڌ جا ماڻھو ھن وقت اھو ئي سوچين ٿا ته ڪو اڳواڻ آھي جنھن کي احساس آھي جيڪو انھي احساس کي کڻي سنڌ جي شھر شھر واھڻ واھڻ وستي وستي ماڻھن کي سمجھائڻ نڪتو آھي.اھا سنڌ م شعور واري لاٽ کي ائين جلائي سگھجي ٿو. سنڌ مارچ جي اڳواڻي سکر کان مسلسل سڪرنڊ تائين سائين زين ڪندو آيو. پر سڪرنڊ م سائين سخت بيمار ٿي پيو. جڏھن ڊاڪٽرن سائين جي جسم جي آڪيسجن جو پيمانو ڪيو ته تمام گھٽ ھو انھي کان پوءِ ڊاڪٽرن سائين کي پيدل ھلڻ کان منع ڪيو ۽ ايمبولينس م ويھڻ جو چيو. پر سائين ايمبولينس م ويھن کان صاف انڪار ڪيو ته آڪيسجن جو سلينڊر ايمبولينس مان لاھي منھنجي نجي گاڏي م رکرائي ڏيو اتان پاڻ کي آڪسيجن فراھم ڪيو. پر ھڪ پل لاءِ به سنڌ جي ماڻھن کان پري نه ٿيڻ پئي چاھيو. سائين زين شاھ کي سنڌ جي عوام محبت جون چميون ارپيون. پر انھي سان گڏوگڏ سائين زين شاھ به سنڌ جي ماڻھن کي چميون ۽ پيار سان ڀريل ڀاڪرن م ڀريو پئي. سڪرنڊ وٽ جڏھن سائين تمام گھڻو بيمار ٿي پيو ته پيادل مارچ ۾ سفر ڪندڙن توڙي اڳواڻن اھو زور ڀريو ته سائين توھانجي صحت ضروري آھي ڪراچي وڃي علاج ڪرائيو پر سائين زين شاھ اھو چيو ته مونکي صحت کان مٿي سنڌ آھي مونکي سنڌ جي عوام م ھلڻ ڏيو پر جڏھن انھي پيادل مارچ م سفر ڪندڙ سنڌ جي عاشقن سائين سان واعدو ڪيو ته سنڌ جي ھن عشق واري سفر کي پنھنجي توڙ تائين پھچائينداسين سنڌ م عوام دشمن ٽولي جون ننڊون ڦٽائينداسين. سائين زين پوء پنھنجن ساٿين جي ڳالھ کي اھميت ڏئي ڪراچي علاج لاءِ نڪري آيو جڏھن اسپتال م داخل ٿيو ء سائين زين جون تصويرون جڏھن شوشل ميڊيا تي شيئر ٿيڻ لڳيون. ته پوري سنڌ سائين جي صحت لاء دعاڳو بڻجي وئي ته خدا تعالي سنڌ کي اھڙن اڳواڻن جي ضرورت آھي . سائين جي ڪراچي وڃڻ کان پوء سنڌ پيدل مارچ جي اڳواڻي سائين منير حيدر شاھ، روشن ٻرڙو، سنڌ جو دانشور سائين جڳديش آھوجا ء امير آزاد پنھور ڪري رھيا آھن سنڌ جي انھن اڳواڻن کي پوري سنڌ مان محبت ملي آھي. پر جڏھن مان سنڌ مارچ کي ء سنڌ مارچ جي اڳواڻن کي پنھنجي سامھون روبرو ڏٺو ته انھن جي اکين م ھڪ پاسي زين شاھ جي بيماري سبب نمي ته ھئي پر ٻئي پاسي سنڌ جي ماڻھن لاء چس ء چاھ ھو انھن جا اھي مرڪندڙ چھرا ڪيترين انسانن کي پنھنجي قريب ڇڪي رھيا ھئا اھي ماڻھو به انھن جي محبت ڏسي شامل ٿيندا ويا جڏھن سنڌ مارچ جي قافلي کي ھالا م استقبال ڪيو ته اڳواڻن جا ٽھڪ حڪمران جماعت جي مرڪز م ڏار وجھي رھيا ھئا پر جڏھن سنڌ مارچ م ھالا کان شامل ٿينس ته مونکي خوشي ٿي ته سنڌ جي سفر م مڊل ڪلاس جا ماڻھو توڙي پورھيت سنڌ جي عشق واري سفر م شامل آھن حقيقي طرح مارچ جي اڳواڻي سنڌ جي ماڻھن وٽ ھئي پيدل سفر ڪندڙ پورھيتن وٽ ۽ انھن معذورن وٽ ھئي جيڪي ويلچر سائيڪل تي ھلي رھيا ھئا. انھن معذورن جو ھلڻ سنڌ مارچ جي ڪاميابي آھي جيڪي سکر کان مسلسل اچي رھيا ھئا. ٻئي پاسي سنڌ مارچ م گذاريل چئن ڏينھن واري سفر م سنڌ مارچ جي اڳواڻن کي ڀاڪر توڙي محبت جون چميون مليون. اھا محبت ملي. جيڪا نه وسارڻ جوڳي آھي جنھن محبت جي ھر انسان کي ضرورت پوندي آھي پر تتل روڊ تي ھلندي سنڌ جا ماڻھو وک وک تي سنڌ مارچ کي آڌرڀاء ڪري رھيا ھئا انھن ماڻھن جي محبت ڏسي قومي ڪارڪنن جا حوصلا بلند ٿيندا ويا. سنڌ جي ماڻھن جي محبت جو اظھار وک وک تي مختلف طريقي سان ظاھر ٿيو پئي اڳواڻ بار بار اھو ئي چئي رھيا ھئا ته اسان جا پير پٿون ضرور ٿيا آھن پر سڄي سنڌ ائين ملھائيندي اچي. جنھن کي ڏسي اسان جون سڀ تڪليفون لھي ٿيون وڃن ء حوصلا بلند آھن انھي کان پوءِ جڏھن سنڌ جي مختلف قومپرست جماعتن جا اڳواڻ به سنڌ مارچ جي پنڌ جا حصي دار ٿيا ته تنھن وقت کان حڪومتي جماعت بوکلائجي وئي آھي جنھن کان پوءِ پ پ جا اڳواڻ پريس ڪانفرنس ڪري اھو چئي رھيا آھن ته سنڌ مارچ ڪندڙ سنڌ جي ماحول کي خراب ڪري رھيا آھن پر ائين ھرگز نه ھو.اتي سنڌ جي ڳالھ ھئي صرف سنڌي ماڻھن جي سنڌ سان محبت جي ڳالھ ھئي، سنڌ بحالي لاء حڪمرانن کان سوال ھئا. سنڌ مارچ م سنڌ جي عاشقن جا پير پٿون ۽ مرڪندڙن چھرن جا ھجوم ء جوش ھئا جنھن کان پوءِ حيدرآباد ۾ ڀرپور جلسو ٿيو تنھن کانپوءِ سنڌ جي ماڻھن کي ڪراچي واري جلسي لاءِ دعوت نامه ڏنا. سنڌ مارچ واري سفر ۾ سنڌ جي ننڍي وڏي شھر واھڻ وستي م سنڌ جي ماڻھن کي ڪراچي واري جلسي لاء دعوتون ڏيندا آيا ڇاڪاڻ ڪراچي سنڌ جي دل آھي سنڌ جي ڪرنگھي جي ھڏي آھي ڪراچي اسانجو معاشي ھـب آھي جتي سڄي دنيا جا صحافي آھن جتي پنھنجو آواز ڪراچي توڙي اسلام آباد تاء محدود نه رھندو پر اسان جي انھي رڙ تي دنيا ڌيان ڏئيندي. مان سنڌ پرست جي حيثيت ۾ چوان ٿو ۽ اھو سڄي سنڌ کي چوان ٿو ته 19 مارچ ڪراچي اچي سنڌ پرستن جا ھٿ مضبوط ڪيو.سائين زين شاھ به پاڻ شامل ھوندو سائين لاءِ دعاڳو رھو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں