انور نوحاڻي
پاڪستان جي وجود اچڻ کان اڳ وجود ۾ اچڻ کان هيستائين جيڪو هندستان ۽ پاڪستان جو خطو هو اهو جاگيرداري وارو هو ڪجھ جاگيرداري ڪمزور ٿي ته انھن کي انگريز راڄ وري مضبوط ڪري ڇڏيو نواب، خان، سر ۽ ٻيا لقب ڏيئي کين وڏو جاگيردار بنايو ويو انهن کان دلالي ڪرائي پنهنجا مقصد حاصل ڪيا ويا سڄي ملڪ جيڪو هاڻ چئن حصن ۾ تقسيم ٿي چڪو آهي ان کي اهڙو ته ڪمزور ڪيو ويو آهي جو اڃان تائين هو ان مرض مان جان ڇڏائي نٿو سگهي ان ۾ خاص طور پاڪستان شامل آهي ڇو ته جيڪي هندستان جا رهزن ۽ تعصب رکندڙ جاگيردار هئا تن کي اسان ڏانهن موڪليو ويو صرف موڪليو ڪونه ويو پر انهن کي حڪمران ٺاهي اسان تي مسلط ڪيو ويو جن پاڪستان جي خلقيندڙ سان سان غداري نه ڪئي پر ھتي هڪ فاتح يا ڪاھ ڪندڙ لٽيرن وارو ڪردار ادا ڪيو جنهن جا اثر اڃان تائين ختم نه ٿيا آهن
سندن اهڙي رويي ۽ ڪردار جي ڪري پاڪستان ٻه اڌ ٿي ويو اسان کي وري به جاگير دارن جي حوالي ڪيو ويو ھوڏانھن هڪ وچين طبقي جو ليڊر مجيب الرحمان جنهن جيل ڏٺا هئا تحريڪون هلايون هيون تڪليفن ۾ گذاريو هو ۽ سياست جو تجربو هو تنظيم سازي هئي ڪارڪن هئا ان جو ملڪ اڄ اسان کان ڪيترو اڳيان نڪري چڪو آهي اسان جيڪي رات پيٽ ۾ ليڊر ٿياسين جمهوري طريقي سان نه پر ڪنهن جي آشر واد سان حڪمران ٿياسين ۽ معرفت تي وڏن جاگيردارن کي گورنمينٽ ۾ ڀاگي ڀائيور ڪيوسين جيڪا اسان 1951ع ۾ ڪجھ جان ڇڏائي هئي اها 20 هن سالن کان پوءِ وري به قابو ٿي وئي جيڪو سلسلو اڃا تائين جاري آهي جاگيردار مچي مواڙ ٿي ويو آهي هاڻ هو مختلف طريقن سان عوام جو رت چوسي رھيو آھي دلالي ڪرڻ ڪري کيس پاڪستان جا اصل حڪمران سندس مدد ڪري اقتدار ۾ رکيو ويٺا آهن اها گھڻي صورتحال سنڌ ۾ آهي هتي جي جاگير دار ۾ ڪا بہ حب الوطني ناھي ڪوب احساس ناهي بس هو چاهي ٿو ته دلالي ڪري روز پاڻ کي مٿي ڪريان عوام سان ڪو به واسطو ناهي سنڌ ۾ ان جاگير دار جي پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هيل تائين حڪمراني رهي آهي هاڻ هو ھراداري ۾ پنهنجون پاڙون مضبوط ڪري ويو آهي جنهن ڪري کيس ڪا پرواھ ناهي سندس خلاف ڪو ايڪشن کڄي ٿو ته کيس سندس مشنري بچايو ڇڏي جنهن ڪري ڪو ايماندار آفيسر يا ڪامورو کيس ڪجھ به ڪري نٿو سگهي ويتر هو مايوس ٿي سندس حمايت ڪرڻ شروع ڪري ٿو ڇڏي اهڙي طرح سنڌ سڄي هاڻ ڀڙ ڀانگ ٿي وئي آهي ڪو به بهتر ڪم نٿو ٿي 1927 کان 1964ع تائين جي ٻوڏ ايترو نقصان نه ڪيو جيڪو 1990ع کان 2022ع تائين ٻوڏن ۾ ٿيو آهي ان جو ڪارڻ جاگيرداري نظام آھي جنھن غلط فيصلا ڪري پاڻي جي لنگهن تي ناجائز اڏاوتون ڪرائي پنهنجا نوازي ڪري سڄو نقشو ٻيو ڪري ڇڏيو آهي ان لاءِ ننڍو آبادگار احتجاج ڪري ٿو سياسي سماجي تنظيمون احتجاج ڪن ٿيون انھن جي هڪ به ٻڌي نٿي وڃي ماڻھن عدالتن طرف ويا جن کي ڪجھ انصاف ملڻ جي اميد ملي 2012ع ۾ سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته پاڻي جا قدرتي لنگھ بحال ڪيا وڃن برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جا جوڳا بندو بست ڪيا وڃن پر اهي فيصلا صرف ڪاغذن تائين محدود رهيا ڇو ته جاگير دار ۽ سندس پاليل ڪامورو ان فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي جنھن ڪري اڄ به سنڌ هڪ ڊنڍ جو ڏيک ڏيئي رهي آهي ماڻهو لکن جي تعداد ۾ دربدر آهن بس کين ڪٽو ڏيئِي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ڪجھ وقت اڳ وري سکر هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي ته برساتي پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ان باري ۾ هيستائين ڪيتريون ئي کليون ڪچهريون ٿيون آهن جنهن ۾ هڪ ڪچھري 7 مارچ 2023ع تي ٽنڊو جان محمد ۾ ٿي ماڻھن رڙيون ڪيون آبادگار هاري مزدور سياسي سماجي تنظيمون موجود هيون سڀني ڪيس رکيو اتي هائي ڪورٽ جو سيڪريٽري محمد علي کوسو ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص، انجنيئر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر ويٺل هئا جيڪي يقينن اسان کان وڌيڪ ان معاملي کي سمجهن ٿا هنن کي وڌيڪ ڄاڻ آهي پر سندن مٿان اهو جاگيردار سوار آهي ان کلي ڪچھري ڪري ٽائيم وڃائڻو آهي ان سان گڏ جيڪي اڪثر ڪري آبادگار ويٺا هئا اهي به جاگيردارن جي رحم ڪرم تي هلندڙ هئا انھن مان اھو ڪنهن به نه چيو ته هن ڪم ۾ ڪو جاگير دار حڪمران پارٽي جو شامل آهي ڇو ته صبح جو هنن کي اتي وڃڻو آهي ان لاءِ کليون ڪچهريون اتي ڪبيون آهن جتي عوام جا عام مسئلا هجن هي ته سنڌ جو اھم مسئلو آهي جنهن ۾ اسان کي کربين رپين جو نقصان ٿئي ٿو ان تي ته جلد عمل ٿيڻ گھرجي جيڪوانهي ڪم ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي ان تي توهين عدالت ڪيس داخل ڪرڻ گھرجي سپريم ڪورٽ ۽ سکر هاءِ ڪورٽ هڪ بهترين فيصلو ڏنو آهي جنهن تي عمل ان ڪري نه پيو ٿيئي ته جاگير دار حڪمران ٽولو ان ۾ راضي ناھي هو ڪاموري کي پنھنجو ٻڌو ٻانهو سمجهي ٿو ان ڪري چيف جسٽس هائي ڪورٽ سنڌ ۽ چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ ان علائقي جي حڪمران پارٽي جي چونڊيل ايم اين اي ۽ ايم پي اي ۽ ٻئي کي گهرائي پابند ڪري ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي ڪم ۾ رڪاوٽ نه بنجن ۽ ادريس راجپوت جهڙن ايماندار شخص مقرر ڪري لکين ماڻهن کي بچائي سگهجي ٿو ۽ اهڙي ريت کُلي ڪچھرين جو ڀَرم بہ رهجي ايندو جيڪو انحرافي ڪري ان تي توهين عدالت ڪيس داخل ڪيو وڃي.
