ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ دشمن ڊجيٽل آدمشماري مھانگائي سنڌوءَ تي ڌاڙو ۽ وسيلن تي قبضي خلاف قومي عوامي تحريڪ ڪراچي جي طرفان مھراڻ ھوٽل کان ڪراچي پريس ڪلب پيادل مارچ ڪري احتجاج ڪيو ويو ريليء جي اڳواڻي مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ ڪراچي ڊويزن صدر اشفاق چنڙ جنرل سيڪريٽري منان شيخ مرڪزي رابطا سيڪريٽري ڪاشف خاصخيلي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ناھيد جوڳي جن ڪئي. جڏھن ته خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ھڪ مخصوص ٽولي کي خوش ڪرڻ جي لاء ملڪ۾ آدشماري ڪرائي تي وڃي جنھن تي اسانکي خدشا آھن ھڪ ته وقت کان پھرين آدمشماري ۽ شناختي ڪارڊ کان بغير ٿي رھي آھي ٻيو ته سنڌ جا 2 ڪروڙ ماڻھو سيلاب کان متاثر آھن انھن کي ڪيئن ۽ ڪھڙي طرح سان ڳڻبو افغاني برمي بنگالي ۽ بھارين کي غير ملڪي ڪري ڳڻيو وڃي. اسين سمجھون ٿا ته سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ھي ڊجيٽل آدمشماري سازش آھي سنڌو درياھ ۽ وسيلن تي قبضو ٿي رھيو آھي جيڪو پيپلزپارٽي جي سھولتڪاري سان ٿي رھو آھي قومي عوامي تحريڪ چتاء ڏي ٿي ته جيڪڏھن سنڌين کي ديوار سان لڳائڻ ڪوشش ڪئي وئي ته پوء ست ڪروڙ سنڌي انجو ڀرپور جواب ڏيندا ريليء ۾ ڪارڪنن ادين ۽ ٻرڙن سميت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي.
