لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل ۾ ڪتاب “واڪا ڪرڻ مون وس” جي مهورتي تقريب ٿي گذري

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي ادب شعبي پاران نامياري عوامي شاعر ارڏي اترادي جي شاعري جي ڪتاب “واڪا ڪرڻ مون وس” جي مهورتي تقريب آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي ۾ ٿي گذري. مهورتي تقريب جي صدارتي تقرير ڪندي نامياري ترقي پسند دانشور استاد خالد چانڊئي ڳالهائيندي چيو ته ارڏو اتراي سنڌ جو حقيقي عوامي شاعر آهي. جنهن سدائين عوامي مسئلن کي سامهون رکي پنهنجو قلمي پورهيو ڪيو آهي. ارڏو اترادي، ترقي پسند ۽ قومپرست فڪر جو ترجمان شاعر آهي. جڏهن ون يونٽ جي دور ۾ رجعت پسند ۽ ترقي پسند ڌرين جي وچ م نظرياتي ۽ ادبي بحث هلندڙ هو، هن ان دور ۾ پنهنجي شاعري جو سفر شروع ڪيو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته ارڏو اترادي کي سائين جي ايم سيد تمام گهڻو پسند ڪندو هو. جڏهن رجعت پسند قوتن ادب ۾ نواڻ جي مخالفت ڪئي هن ان دور ۾ نواڻ ڏيڻ لاءِجدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو. ارڏي اتراديءَ سدائين پنهنجي ضمير کي سامهون رکي شاعري ڪئي آهي. هن چيو ته ارڏي اتراديءَ جو هي نئون ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ هڪ بهتر اضافو آهي.، تقريب جي خاص مهمان نامياري ارڏي اترادي چيو ته مان منهنجي شاعريءَ جا پنج ڪتاب ۽ پنج ڪتاب نثر جا آهن پر اهي سڀ ڪتاب منهنجي ضمير جو آواز آهن. مان سنڌي عوام جو ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي شاعري جي ڪري مون کي سدائين محبت ڏني آهي اها محبت ئي منهنجي ميراث آهي. اديب، ليکڪ ۽ ترجمي نگار ننگر چنا ڳالهائيندي چيو ته ارڏو اترادي، اسان جي وجود جي حقيقي سڃاڻپ آهي. ارڏو اترادي، سنڌ جي سگهارن عوامي شاعرن مان هڪ آهي. ارڏو، عوامي انداز ۾ عوام جي نمائندگي ڪري ٿو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ ماڻهن کي گمراھه ڪرڻ جا ڪارخانا ڪم ڪري رهيا آهن. اسان جي شاعرن ۽ دانشورن کي عوام کي صحي رستو ڏيکارڻ لاءِ پنهنجو موقف ڏيڻ گهرجي. جيڪو شاعر عوام جي نمائندگي نه ٿو ڪري اهو تاريخ سان بدديانتي ڪري ٿو. سنڌ ۾ معياري ۽ غير معياري شاعري جي پرک ڪرڻ لاءِ ادارو قائم ڪرڻ گهرجي. غير معياري شاعري جي عمر ٿوري آهي پر معياري شاعري تاريخ ۾ سدائين زنده رهندي. سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻي ڪئمپس جي پرو وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سيد اظهر علي شاھ چيو ته ارڏي جو ڪتاب “واڪا ڪرڻ مون وس” عوام جي دکن، دردن جا حقيقي واڪا آهن. ارڏي اتراديءَ جي شاعري صرف هن جي ذات تائين محدود نه آهي پر عوام جي دردن جي ترجمان شاعري آهي. هن چيو ته ارڏو اترادي نه صرف عوامي دکن دردن جي ڳالھ ڪري ٿو پر انهن جي حل لاءِ به لکي ٿو. هن چيو ته اسان جيڪڏهن پنهنجا نمائنده صحي نه چونڊينداسين ته اسان جي دکن جو علاج به نه ٿي سگهندو. نامياري شاعر جواد جعفري چيو ته ارڏي اترادي پنهنجي سموري زندگي،ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪندي گذاري آهي، هن جي شاعري ۾ عاجزي، انڪساري،رومانس ۽ انقلاب جهڙا موضوع سمايل آهن. هن جي شاعري دل ۽ جذبن کي ڇهندڙ شاعري آهي. هن چيو ته ارڏي اترادي جي شاعريءَ ۾ درياھ جيڏي رواني موجود آهي، عمر گذرڻ سان گڏ هن جي شاعري ۾ پختگي وڌيڪ پيدا ٿي رهي آهي. نامياري ليکڪ ڄام جمالي چيو ته ارڏي اتراديءَ هميشه ڏاڍاين خلا ف مزاحمت ڪئي آهي. هن ڪڏهن ظلم خلاف ڪڏهن به مصلحت نه ڪئي آهي. ارڏي اترادي، پنهنجي شاعري جي ڪري عوام جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو. لاڙڪاڻي ضلعي جي تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر گلشير سومري چيو ته ارڏي اترادي جي شاعريءَ ۾ عاجزي به آهي انڪساري به آهي ته ارڏائپ به آهي. قومن جي تقدير هميشه پورهيت قلمڪار ئي تبديل ڪندا آهن. ارڏي اترادي پنهنجي قلم کي قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ هميشه استعمال ڪيو آهي. نامياري شاعر اياز ابڙي چيو ته ارڏي اترادي ڪڏهن به پنهنجي اصولن تي سودي بازي نه ڪئي آهي. جنهن ڪري ارڏو اترادي، سنڌ جي ضمير جو آواز آهي. ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ زاهد علي جوڻيجي چيو ته ارڏي اترادي جي شاعري ۾ سنڌ جا رنگ سمايل آهن، هن جي شاعري رومانوي به آهي ته انقلابي رنگ ۾ به رنگيل آهي. ان موقعي تي آيل مهمانن کي آجياڻو ڏيندي ادب شعبي جي چيئرمين عيسيٰ ميمڻ چيو ته ارڏي اترادو، ڪڏهن به درٻاري قلمڪار نه رهيو آهي. جنهن ڪري تاريخ ۾ ارڏي اتراديءَ جو ڪردار هميشه بلند رهندو. ان موقعي تي فقير الله بخش ڀٽو ۽ عبدالنبي ساريو پڻ ارڏي اترادي جي شاعري تي پنهنجا ويچار ونڊيا. پروگرام جي شروعات شيراز عباسيءَ لطيف جي وائيءَ سان ڪئي. پروگرام ۾ ارڏي اترادي کي ٻولي ۽ ادب جي خدمتن عيوض ادب شعبي آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي پاران “لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوراڊ” پڻ ڏنو ويو. جڏهن ته لاڙڪاڻي جي تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر گلشير سومري، ارڏي اترادي کي گلدستو پڻ پيش ڪيو. پروگرام جي ڪاروائي حسين علي ڪنڀر هلائي. تقريب ۾ منور ابڙو، حمز علي سوهو، ملهار سنڌي، ڪوڙل قربدار، تشڪيل ميمڻ، اياز مير ابڙو، خالد ڀٽو، ناظم چانڊيو، مهراڻ ڌامرهو، گلاب چانڊيو، منصور ميمڻ، غلام حسين ڪٽپر، بقاءُالله بوزدار، منظور شيخ، شيخ نديم، محمد جوان جانب، سرائي فراز شيخ، مختيار چانڊيو، مظهر باجڪاڻي، جواد گوپانگ، شاهد بڙدي، ساجد ميمڻ، خليق ميمڻ، مهتاب ڪلهوڙو، عبدالقادر آريجو، سيد احمد بخاري، صولت حسين گاد سميت ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں