ڄامشورو(رپورٽ: ربڏنو ابڙو) حضرت لعل شهباز قلندر جي 771هين عرس مبارڪ جي ٻئي ڏينهن تي جيم خانه سيوهڻ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريدالدين مصطفيٰ چيو آهي ته حضرت لعل شهباز قلندر جو 3 ڏينهن وارو عرس انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته هن سال عرس مبارڪ ۾ 25 لک کان وڌيڪ عقيدتمندن جي شرڪت جو امڪان آهي، اڄ ٻيو ڏينهن آهي ۽ پانڌئيڙن جي آمد ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. عرس مبارڪ دوران 4 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن کان علاوه رينجرز، پاڪ فوج ۽ نيوي جا اهلڪار به پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته مرڪزي ڪنٽرول روم ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي پڻ مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو چيو ته زائرين جي سهولت لاءِ منرل واٽر جون 3 لک بوتلون ورهايون ويون آهن، جن جو انگ وڌي 4 لک تائين پهچڻ جو امڪان آهي، ان کان علاوه سيوهڻ شريف ۾ مختلف هنڌن تي 60 سبيلون لڳايون ويون آهن، جڏهن ته زندگي بچائيندڙ دوائن سان ليس ، طبي امدادي ڪيمپون پڻ لڳايون ويون آهن. خوش قسمتيء سان هن ڀيري موسم بهتر آهي ۽ هن وقت تائين هيٽ اسٽروڪ جو ڪو به واقعو پيش نه آهي آيو ۽ عرس مبارڪ دوران ڪو به عقيدتمند فوت نه ٿيو آهي ، فنڪارن جي معاوضي ۾ ڪٽوتي جي حوالي سان هن چيو ته ڪنهن به فنڪار جي معاوضي ۾ ڪا ڪٽوتي نه ڪئي وئي آهي پر کين معاوضو گهٽائڻ جو چيو ويو هو. هن عرس مبارڪ دوران بهترين ڪوريج ڪرڻ تي ميڊيا جي دوستن جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ايس ايس پي عمران احمد قريشي چيو ته پوليس زائرين کي هر ممڪن تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان کي الله تعاليٰ کان اميد آهي ته عرس مبارڪ جا سمورا ڏينهن سٺي نموني گذري ويندا.
