ملير ۾ شرافي ڳوٺ جي رهواسين جو زمين تي قبضي جي ڪوشش خلاف احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

ملير(ڊ ر) شرافي ڳوٺ جي رهواسين جو سروي زمين تي بااثر لينڊ مافيا پاران هٿيارن جي زور تي قبضي ڪرڻ خلاف سوين عورتن، معصوم ٻارن سميت ڳوٺاڻنزيب النساءِ، فتح بلوچ، محمد حنيف بلوچ، شيراز بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪريڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ جي ڀرسان ملير ايڪسپريس روڊ ٺهڻ سبب زمينن جا اگهه وڌي وڃڻ ڪري بااثر لينڊ مافيا ٽولي جي اڳواڻ اشرف وشدل بلوچ، نذير سخي داد بلوچ، ذاڪر بلوچ ۽ سڪندر بلوچ، بلڊر اويس انصار سان ملي اسان جي 8 ايڪڙ سروي زمين تي پنهنجا هٿيار بند وٺي اسان تي حملو ڪري زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته بااثر لينڊ مافيا جي مزاحمت ڪرڻ تي اياز بلوچ، الاهي بخش بلوچ، شيراز بلوچ ۽ دلشاد بلوچ جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن، اياز بلوچ خلاف اغوا، دهشتگردي جو ڪيس پڻ داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن هنن چيو ته اسان صدين کان هن ڳوٺ ۾ آباد آهيون ان جي ڀرسان اسان جي سروي زمين پيل آهي جنهن زمين کي اسان آباد ڪري پنهنجي ٻچن جو گذر سفر ڪندا آهيون پر جڏهن کان ملير ايڪسپريس روڊ جو بنياد پيو آهي تڏهن کان بااثر لينڊ مافيا ٽولي جون نظرون اسان جي زمين تي آهن هو زمين کي مختلف طريقن سان حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن، ان ڪري اسان جو هنن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، اسان مسلح لينڊ مافيا ٽولي خلاف ڳوٺاڻن تي حملي جو ڪيس شرافي پوليس ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي پر پوليس بااثر لينڊ مافيا ٽولي جي سرپرستي ڪندي اسان کي بليڪ ميل ڪري رهي آهي، اسان چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو،وزير اعليٰ سنڌ، ڊي جي رينجزر، آءِ جي سنڌ پوليس کي اپيل ٿا ڪيون ته لينڊ مافيا ٽولي خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں