ميرپورخاص ۾ مختلف راندين جا مقابلا منعقد ڪيا ويا

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ٻارن کي تعليم سان گڏ راندين جا موقعا فراهم ڪرڻ ضروري آھن ان جذبي تحت ميرپورخاص جي خانگي اسڪول دي اسپرٽ اسڪول جي ڊائريڪٽر مھراڻ پنھور پاران پي سي بي گرائونڊ ۾ اسپورٽس گالا جي سلسلي ۾ مختلف راندين جا مقابلا منعقد ڪيا ويا جنھن جو افتتاح پ پ ايم پي سيد ذوالفقار علي شاه ڪيو افتتاحي تقريب ۾ سيد شاذل شاہ، صدر پريس ڪلب نذير پنھور ، صحافي واحد حسين پھلواني، چوڌري ذوالفقار آرائين، فيصل خان زئي اسڪولن جي استادن پرنسپال ميڊم زنيرا غفور، جميل الدين ميڊم سمبل مھراڻ، سندس، ميڊم بشرا سميت شاگردن ، شاگردياڻين ۽ والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اسڪول جي شاگردن توڙي شاگردياڻين پاران ميوزيڪل چيئر گيم ، سمپل ريس، سيڪ ريس، پينسل ھولڊنگ، ڪرول ريس ،رسا ڪشي، ريسنگ گيم، ھاڊل ريس، سميت ٻيون رانديون کيڏيون ويون ان موقعي تي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ ايم پي اي سيد ذوالفقار شاھ چيو ته صحت مند معاشري لاءِ تعليم سان گڏ رانديون ضروري آھن جنھن سان ٻارن جي جسماني ء ذھني نشو نما ٿئي ٿي ھن چيو ته خانگي اسڪول پاران راندين جا مقابلا ڪرائڻ بھترين عمل آهي ٻين اسڪولن توڙي ادارن کي گھرجي ته اھڙي طرح راندين جا مقابلا منعقد ڪن ته جيئن مستقبل جا معمار اڳتي ھلي تعليم سان گڏ راندين جي ميدان ۾ پاڻ ملھائي سگھن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں