نوابشاهه(ڊ ر) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد سوئي گيس اسٽاپ لڳ ڳوٺ علي محمد جمالي جي رهواسي سوين ڳوٺاڻن جان محمد، خان محمد، محمد عارب، الله وڌايو، ڪنڊل خان جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بي سيڪشن پوليس جي ظلمن ۽ ڏاڍ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي انهي موقعي تي ميڊيا آڏو دانهيندي ڳوٺاڻن الزام هنيو ته گذريل ڏينهن ڊي ايس پي علي بخش عرف ڏاڏو جمالي پوليس جا وڏا اٽالا ساڻ ڪري چادر چار ديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهر اندر داخل ٿي مردن، عورتن ۽ ٻارڙن تي سخت تشدد ڪيو ۽ گهر ۾ پيل پيتين جا تالا ٽوڙي 5 تولا سون، 5 لک روپيا روڪ، ٻه ڇيلا، ٻه ڪاغذن واريون موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو سامان کڻي وئي آهي هنن چيو ته ڊي ايس پي علي بخش عرف ڏاڏو جمالي چوي ٿو ته هر مهيني اسان کي ڀتو ڏيو انڪار ڪرڻ تي اسان جي مردن جنهن ۾ ولي محمد، مزار، شهمير، بچل جمالي ۽ پنجين ڪلاس ۾ پڙهندڙ 5 ورهين جو الله ڏنو کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته اگر اسان تي يا اسان جي گرفتار ٿيل ماڻهن تي ڪو ڪيس وغيره داخل آهي ته انهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. اسان انتهائي شريف ماڻهو آهيو هنن چيو ته پوليس اسان جي ڳوٺ ۾ ائين داخل ٿي آهي ڄڻ ڪو اسان وڏا ڌاڙيل هُجون هنن چيو ته ڊي ايس پي علي بخش جمالي اسان جا ماڻهو آزاد ڪرڻ لاءِ لکين روپيا رشوت طلب ڪري ٿو هنن چيو ته اسان اهڙي پوليس گردي خلاف سيشن جج شهيد بينظير آباد کي درخواست پڻ ڏني آهي جنهن تي جج بي سيڪشن ٿاڻي ۽ تعلقي ٿاڻي تي ڇاپو پڻ هنيو آهي پر پوليس اسان جا ماڻهو گم ڪري ڇڏيا آهن هنن چيو ته اسان پ پ جا پُراڻا ووٽر آهيون هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، وزير اعظم، ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد ۽ پ پ جي ضلعي قيادت کان مطالبو ڪيو ته خدارا ڊي ايس پي علي بخش عرف ڏاڏو جمالي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان جي ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
