وارھ(پ ر) پ پ شھيد ڀٽو جي وڇڙي ويل اڳواڻ محمد مراد چانڊيو جي شخصيت ۽ جدوجهد تي سھيڙيل ڪتاب ”آدرشي ۽ مخلص انسان“ جي مهورتي تقريب ٿي گذري جنھن ۾ کيس ڀيٽائون ڏيندي ۽ ڪتاب تي ڳالھائيندڙ مقررن ۾ پ پ شھيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ عنايت عمراڻي، عوامي جمھوري پارٽي جي اڳواڻ حريف چانڊيو، محمد صلاح چانڊيو، ڪتاب جي سھيڙيندڙ ڊاڪٽر شاھمراد چانڊيو، عوامي تحريڪ اڳواڻ ڪامريڊ سرتاج چانڊيو، جونيئر جانڻ چن، گسٽا اڳواڻ عبدالھادي چولياڻي، وارھ پريس ڪلب جي صدر اياز چانديو، پ پ اڳواڻ بشير چولياڻي، سنڌي ادبي سنگت جي ضلعي رابطه سيڪريٽري نجيب چانڊيو، ڀائو در محمد ٻرڙو، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عنايت لاشاري، ايس يو پي اڳواڻ وقار رضا، پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ نياز حيدري، اصغر ميراسي، جسم اڳواڻ غفار ميرجت، ليکڪ عرفان منان ۽ ٻين چيو ته مراد چانديو ھڪ سچو، بردبار ۽ اصول پرست سياسي اڳواڻ ھو جنھن نه رڳو شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نظريي سان آخري دم تائين نڀايو پر طبقاتي ۽ قومي جبر خلاف پڻ ڀرپور جدوجهد ڪئي، منجھس قيادت ڪرڻ ۽ ساٿين کي سنڀالڻ جو غير معمولي ڏانءُ ھيو. ھنن چيو ته سياسي ڪارڪن عوام جي لاءِ وڏي اميد ۽ آٿت ھوندا آھن. مراد چانڊيو پنھنجي سڄي ڄمار ۾ پنھنجي تنظيمي ڪارڪنن ۽ شھرين لاءِ آٿت ھيو، حقيقت ۾ هو دعوائن جي دنيا ۾ عملي ڪم ڪندڙ ماڻهو جنھن جي اچانڪ وڇوڙي سياسي خال پيدا ڪيو آھي سندس جدوجهد ڪڏھن به فراموش نه ٿيندي ۽ کيس ھميشھ ياد رکيو ويندو. تقريب ۾ مقررن کيس واره جو مير مرتضي ڀٽو قرار ڏنو. تقريب ۾ امير بخش چانڊيو، محرم چانڊيو، ذوالفقار صاحباڻي، محمد جان بروهي، حڪيم بلاڻي، وھاب ڇٽو، محرم صاحباڻي سميت شھرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
