پورهيت مزاحمت تحريڪ جي چونڊ، مسرور شاهه صدر ۽ نثار لغاري جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) پورهيت مزاحمت تحريڪ جي پهرين ڪانگريس، مسرور شاهه صدر ۽ نثار لغاري تنظيم جو ٻن سالن جي لاءِ جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو، تنظيم جي پهرين ڪانگريس ۾ سڄي سنڌ مان 500 کان وڌيڪ ميمبرن ۽ مختلف مختلف وفدن شرڪت ڪئي، ڪانگريس ۾ ٻن سالن جي لاءِ تنظيم جي مرڪزي باڊي چونڊي وئي، جنهن ۾ مسرور شاهه صدر، نثار لغاري جنرل سيڪريٽري، بلاول ڀرڳڙي انفارميشن سيڪريٽري، وجاهت هنگورجو شاگرد سيڪريٽري، اعجاز جاکرو تعليمي سيڪريٽري، شاهينا لغاري ناري سيڪريٽري ۽ لطف هالو کي فنانس سيڪريٽري چونڊيو ويو، جڏهن ته ان سان گڏ 19 رڪني مرڪزي ڪميٽي چونڊي وئي، ڪانگريس ۾ ميمبرن کانسواءِ هارين، مزدورن ۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پورهيت مزاحمت تحريڪ جي نئين چونڊيل صدر مسرور شاهه ڳالهائيندي چيو ته اڄ سنڌ ۾ پورهيت انقلاب جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي حوالي سان هڪ نئين ترقي پسند، روشن خيال ۽ وطن دوست پورهيتن جي تنظيم جو بنياد پئجي چڪو آهي. هن چيو ته اسان جو موقف آهي ته پاڪستان جي موجوده بحران ۾ قومن جي وچ ۾ نئون سماجي معاهدو ڪيو وڃي، جنهن ۾ ملڪ کي گهڻ قومي ملڪ سمجهي قومن کي قومي حق خوداراديت ڏني وڃي. هن چيو ته معاشي بحران ۽ مهانگائي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سرمائيدارن، جاگيردارن تي ٽيڪس مڙهيو وڃي ۽ غير پيداواري بجيٽ کي گهٽائي عوام کي رليف ڏنو وڃي. پورهيت مزاحمت تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ نثار لغاري چيو ته هن پهرين ڪانگريس ۾ سوين عورتن، مردن ۽ نوجوانن جي شرڪت اهو ثابت ڪري ٿي سنڌ سڄاڳ ٿئي پئي. هن چيو ته اسان سڀ ملي ڪري پنهنجي جدوجهد کي ايمانداري ۽ ثابت قدمي سان جاري رکنداسين ته هڪ ڏينهن ضرور پنهنجي منزل ماڻينداسين. هن چيو ته هي وقت هڪ وڏي عوامي مزاحمت جو آهي، سنڌين کي ڌارين جي يلغارن ۽ ڊجيٽل آدمشماري ذريعي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش رچائي وئي آهي. ان موقعي تي وجاهت هنڱورجو، اعجاز جاکرو، شاهينا لغاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. پورهيت مزاحمت تحريڪ جي پهرين ڪانگريس ۾ هال اندر ڪارل مارڪس، لينن، سورهيه بادشاهه، سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويو جون تصويرون لڳايون ويون هيون. پورهيت مزاحمت تحريڪ جي ڪانگريس قراردادون پاس ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته ڊجيٽل آدمشماري جو هلندڙ سلسلو فوري طور تي بند ڪيو وڃي، ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ختم ڪري غريبن کي فوري رليف ڏيڻ جي لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں