ڪراچي( بيورو ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي سرڪار کي خبردار ڪندي چيو آهي ته آدمشماري تي خدشا ختم نه ڪيا ته صوبائي حڪومت جي حمايت واپس وٺڻ تي غور ڪنداسين. ڪراچي گيمز جي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته وزيراعظم کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، آدمشماري ٿيڻ گهرجي ۽ سڀني کي ڳڻيو وڃي. هن چيو ته هتان ڊيٽا ڀري اسلام آباد موڪلي ويندي آهي، اسان کي ڪجهه ناهي ٻڌايو ويندو، اسان حقيقي آدمشماري چاهيون ٿا، 2017ع ۾ جيئن ٿيو اهڙي قسم جي مردشماري نه گهرجي. وڏي وزير چيو ته ڊجيٽل آدمشماري تي احسن اقبال کي خط لکيو آهي، جيڪڏهن آدمشماري شفاف نه ٿي ته صوبائي حڪومت کي سوچڻو پوندو، آدمشماري شفاف نه ٿي ته سياسي سطح تي به حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، اهڙي صورتحال پيدا نه ڪئي وڃي جو اسان کي آدمشماري رد ڪرڻي پوي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي هن چيو ته هڪ شخص جي چوڻ تي اسيمليون ٽوڙيون ويون، اسان سياسي جماعت آهيون، اسان اليڪشن ۾ حصو وٺنداسين، آڪٽوبر ۾ قومي اسيمبلي جون چونڊيون ٿيڻ واريون آهن، قومي اسيملي جون چونڊون ٿينديون ته پنجاب ۾ سياسي حڪومت هوندي، 13 آگسٽ تائين قومي اسيمبلي جو آئيني مدو ٿيندو، آئيني خاميون ختم ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته ملڪ سخت مالي بحران مان گذري رهيو آهي، عدالتن کي آئيني مونجهارا ڏسڻ گهرجن، لاهور ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان تي حيرت ٿئي ٿي، اسان سڀني جي اکين تي پٽي ٻڌل آهي، پرامن احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي، پيار جو جواب پيار سان ڏينداسين. مڪاني چونڊن مڪمل نه ٿيڻ تي اليڪشن ڪميشن تي تنقيد ڪندي وڏي وزير چيو ته اسان معاشي طور تمام گهڻو هيڻا ٿي ويا آهيون، الڪيشن ڪميشن سُست نموني ڪم ڪري رهي آهي، اڌ سنڌ ۾ چونڊن کي اٺ مهينا گذري چڪا آهن، فوري طور نتيجن جو اعلان ڪيو وڃي، اسان مڪاني چونڊن ۾ سوڀ ماڻي آهي، ڪراچي جو ميئر اسان جو ئي هوندو.
