ڊگھڙي تعلقي ۾ آدمشماري جي ڊيوٽي ڪندڙ استادن جو ٽرانسپورٽ جي سهولت نه ملڻ خلاف بائيڪاٽ، احتجاج

ڊگھڙي(ن س) ڊجيٽل آدمشماري ۾ ڪم ڪندڙ تعلقي ڊگھڙي جي سوين استادن کي انتظاميه طرفان فيلڊ ۾ وڃڻ لاء ٽرانسپورٽ نه ڏيڻ خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ڊگهڙي ٻاهران استادن پ ٽ الف جي مرڪزي اڳواڻ منظور علي چانڊيو،ضلع ميرپورخاص جي جنرل سيڪريٽري منظور علي چيليو،انعام الله دائودپوٽو،صدام جروار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بائيڪاٽ ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرو ڪيو،ان موقعي تي استادن جو چوڻ هو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان استاد آدمشماري ۾ ڪم ڪري رهيا آهن جن ۾ اڪثريت آئي بي اي پاس تازو ڀرتي ٿيل استادن جي آهي، انتظاميه بار بار اسانکي يقين ڏياريو هو ته اوهانکي ٽرانسپورٽ يا ٽرانسپورٽ جي مد ۾ خرچ ڏنو ويندو پر اڃان تائين انتظاميه پاران ڪوبه بندوبست ناهي ڪيو ويو جنهنڪري اسان اڄ سموري ڊگهڙي تعلقي ۾ ڪم جو بائيڪاٽ ڪري پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهيون ڇوته هن وقت تائين ڏورانهن علائقن ۾ وڃڻ لاء استاد پنهنجي موٽرسائيڪل استعمال ڪندي پوليس جي جوان کي به ساڻڪري پنهنجي ذاتي خرچ تي فيلڊ ۾ آدمشماري ڪري رهيو هو آئي بي اي پاس استادن کي اڃان تائين پگهارون جاري ناهن ٿيون جنهنڪري هو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن،آدمشماري ۾ بلاڪن جي ورهاست پڻ غلط ڪئي وئي آهي استادن کي ٽريننگ دوران چيو ويو هو ته اوهانکي لڳ ڀڳ 250کان 300گهرن جي آدمشماري ڪرڻي آهي پر اهڙا ڪيترائي بلاڪ سامهون آيا آهن جن ۾ 500کان 700تائين گهر شماري ٿي آهي اهي استاد مقرر وقت اهي بلاڪ مڪمل نه ڪري سگهندا،هنن مطالبو ڪيو ته آدمشماري ۾ ڪم ڪندڙ استادن کي فوري طور تي ٽرانسپورٽ فراهم ڪري اسانجا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن۔

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں