توشاخانا ڪيس ۽ عمران خان جو مستقبل

رياض ابڙو
ڳالھ اها ناهي ته وزيراعظم جي صوابديد ۾ اهو هجي ته جيڪي به ان کي ذاتي تحفا ملن ته اهو وڪڻي ڇڏي پر ڳالھ اها آهي ته وزيراعظم کي جيڪي به تحفا ملن ٿا اهي رياست جي سربراھ جي حيثيت ۾ ملن ٿا ان ڪري اهي سڀ تحفا توشاخانا ڊپارٽمينٽ ۾ جمع ڪرائڻا پوندا آهن ۽ اهو ڊپارٽمينٽ ان سربراھ (وزيراعظم يا صدر) کي ڪجھ سيڪڙو پئيسا موٽائي ڏيندو آهي، پر هن عمران خان صاحب وري اهي سڀ تحفا کپائي ڇڏيا ۽ وري ٻيو ڏوھ اهو ته هن شخص انهن سڀني تحفن جا اگھ گھٽ ٻڌائي اها رقم توشاخانا ۾ جمع ڪرائي ڇڏي معني هڪ ٻيو ڪوڙ، ۽ اها تحفن جي رقم ملين يا کڻي چئون ته اربين روپين جي هئي، پر ڳالھ ڪوڙ ۽ چوريءَ جي آ، جنهن مان صادق امين جي جهلڪ واضع نظر اچي وئي، يا ويجهر ماضيءَ ۾ دبئي جي هڪ واپاري اها ڳالھ مڃي ۽ ثابت ڪئي آهي ته عمران خان ان وٽ اهي مهانگي گهڙي وارا تحفا وڪڻي ويو آ ۽ اهن ته اهي تحفا پاڻ وٽ محفوظ به رکيا ته جيئن سڀاڻي ڪنهن به پڇاڳاڇا جي عيوض يا ثابتي طور پيش ڪري سگهي ان ڪري جو انهن وٽ اهڙا جڳاڙي امير، ڪبير، وزير، شرفا يا اُمرا ته ايندا رهندا آهن جيڪي انهن وٽ يا ته خريد ڪندا هوندا يا وڪڻدا هوندا، هاڻي رياست وٽ انهن شين يا چورين يا توشاخانا تحفن وڪڻڻ واري ڳالھ جي بچاءَ ڪرڻ جو ڪو رستو نه هيو ته اهي ڇا ڪن يا جڏهن پڇاڳاڇا ٿي ته اهي راز ڦاٽي پيا يا لڪيل ڳالهيون ۽ راز افشان ٿي پيا، ان ڪري اهي صادق ۽ امين هجڻ واريون ڳالهيون ڇسون ٿي پيون ۽ ڳالھ اچي پڌري پٽ پئي يا ان ڳالھ کان به انڪار ناهي ته نوازشريف سميت آصف زرداري کي به اهي تحفا ملندا رهيا آهن پر جڏهن اهي به ڪنهن رياستي مسند تي هوندا هيا يا هاڻوڪا جيڪي آهن ته انهن کي به ٻين ملڪن جا وزير ۽ صدر تحفي طور جيڪي به گھڙيون، ڪاريون، گھوڙا يا زيور سون چاندي ۽ هيرا جواهرات ڏين ٿا ته اهي کڻي هڪ اڌ پنهنجي استعمال لاءِ رکندا هيا يا گهر به کڻي ويا پر هن وانگي ڪلور نه ڪيائون جو اهي دبئي ۽ مليشيا جي مارڪيٽن ۾ وڪڻي آيا يا انهن جي عيوض ڪي پئيسا ڪمائي کيسا ڀري ويهي رهيا يا کڻي اهي ڪرپٽ آهن پر دينا داستي يا سينا زوري نه ڪيائون ان ڪري انهن صاحبن تي ڪنهن به ڪورٽ جو اهڙو پريشر نه آيو يا ائين ثبوت نه ملين جيئن هاڻي عمران خان جا مليا اٿن جنهن ۾ اهي سڀ ماڻهو حلفيا چون ٿا ته اهي توشاخانا وارا تحفا پاڻ پنهنجي سر اهو صاحب کپائڻ آيو.
مثال سعودي جي ولي عهد طرفان عمران خان کي 2018 ۾ جڏهن سلمان بن محمد پاڻ پاڪستان آيو ۽ هن صاحب موصوف پاڻ ان جي ڊرائيوري ڪرڻ پسند ڪئي هئي تڏهن ان موصوف پاڻ سان گڏ مهانگيون گھڙيون ۽ سون جواهرات آندا ته جيئن اهي عمران خان جي حوالي ڪري يا هڪ رياست جي اڳواڻ کي پنهنجي محبت جو ٽوڪن پيش ڪري پر هن صاحب وٽ اهو ئي واحد حل هيو ته هو انهن تحفن کي دبئي جي بازارن ۾ وڪڻي ناڻو ڪمائي يا ترت ڪمائي ۽ ان ڪري هن صاحب به فورن اهي تحفا کڻي دبئي ۾ وڪڻڻ چاهيا ۽ ائين ئي پئيسا ڪمائي ويٺو، جيڪو هڪ سربراھ کي سونهين نه پيو ته هو ڪجھ به ڪري پر اهڙا ڪم جن ۾ ثبوت باقي هجن يا پويان پير نه ڪري يا ”پيرا“ نه ڇڏي يا ڳالھ اها به آهي رڳو اهو دبئي وارو واپاري عمرفاروق ظهور جنهن وٽ هي گھڙيون وڪڻي آيو آهي اهو به مبينا طور تي ترڪي ۽ ناروي ۾ مالي فراڊن جي ڪري ۽ پنهنجي فيملي ۽ ٻارن کي حراست ۾ رکڻ واري ڪيس ۾ ملوث آهي ۽ عمرفاروق ظهير تي ترڪي ۽ ناروي ۾ ٺڳيءَ ۽ فراڊ جا ڪيس هلن ٿا، پر اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي ان شخص اها دعوي به ڪئي آهي ته گوگي عمران خان جي پڪي دوست آهي ان ڪري ان مائيءَ عمران خان جي ٽڏَ ۽ آسري تي ريئل پراپرٽي ۾ ڪرپشن ڪئي آهي، ۽ ان وٽ عمران خان شهزادي سلمان بن محمد جي طرفان 12 ملين جو تحفي ۾ مليل گھڙيون عمران خان پنهنجي هٿان وڪرو ڪيون آهن، ۽ انهن جي وڪري دوران گوگي به ساڻس شامل هئي يا ان گوگي تي ٻيا به ڪرپشن جا ڪيس آهن جيڪي هنن ملي جلي ڪيا آهن ۽ انهن جا ثبوت ۽ سلطاني گواھ به پيا آهن پوءِ هاڻي اها ڳالھ جڏهن ڪورٽن وٽ پڄي ٿي ته پوءِ اهي ته دير ئي نه ڪنديون جو عمران خان کي جيل ۾ اندر ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪن پر ڳالھ اها به آهي ته رياست اهو ٿي سمجهي ته ايم ڪيو ايم جي سربراھ وانگي جڏهن ڦوڪڻي مان هوا نڪري وڃي تڏهن اهي سڀ شيون اثر ڪنديون ان ڪري جو هڪ اشاري سان ڪراچي بند ڪرڻ واري قوت پاڻ هڪ اشاري سان زمين تي ويهي رهي يا انهن جي اثر ۾ گھٽتائي آئي يا اهي آهستي آهستي ڪري پنهنجو اثر ڇڏي ويا ساڳي ڳالھ به هن عمران خان سان به ممڪن آهي ته حالي فلحالي جيستائين ڦوڪڻي مان هوا نڪري يا عام ۽ خاص اهو سمجهي ته هاڻي عمران خان جي سياست ڇسي، ڦڪي، بي مزي ۽ بي اثر آهي يا جيڪو شخص رڳو ويٺو ڏينهن ۾ ڏھ يوٽرن وٺي يا جيڪو هڪ ڏينهن چئي ته فوج جي سپورٽ کپي پوءِ ٻئي ڏينهن تي فوجي سربراھ جي ڀڀڪي اچيس ته پنهنجي بيان تان ئي هٿ کڻي وڃي يا جيڪو عوام جي آڏو سڀ تجربا ڪري يا جيڪو رڳو عوام کي بيوقوف ڪري جنهن جي لانگ مارچ يا شارٽ مارچ ۾ به ڪجھ نه هجي يا جيڪو وزيرآباد واري جلسي ۾ ڪوڙو ثابت ٿئي يا جيڪو جيل ڀريو تحريڪ ۾ پهرين پنهنجي ضمانت ڪرائي يا روز نوان نيکٽ ڪري ان جي سياست کي ڇا چئون يا ڪنهن جي پٺيان لڳون، بهرحال.
هاڻي ساڳي شخص اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته شهزاد اڪبر جيڪو هاڻي جلاوطن آهي يا ڪورٽن جي يا قانون جي پريشرن کان ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو آهي، ان شخص وري دعوي ڪئي آهي ته اهي تحفا نه ئي دبئي ۾ وڪرو ٿيا آهن نه ئي گوگي ڪرپٽ آهي نه ئي اهي ڪنهن عمرفاروق ظهور کي سڃاڻن ٿا يا ڪنهن به طرح اها ڳالھ ثابت ٿيڻ نه ڏيندا، پر ڪورٽ وٽ ان ڳالھ جا پڪا ثبوت آهن ان ڪري اهو فيصلو به محفوظ آهي يا ڪورٽ ته خان جي ضمانت ئي رد ڪري چڪي آهي پر ڳالھ اها آهي ته تڪڙ ۾ ڪا به شيءِ رياستي پاور کي چيلينج ڪري سگهي ٿي ان ڪري قانون ڪاروائي ته پنهنجي جاءِ تي پر شين کي آهستي آهستي ڪرڻ ۾ ئي رياست جي سياڻپ آ، يا عمران خان ته توشاخانا جي ڪيس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج به ڪيو آهي ته هڪڙي ڳالھ جڏهن سچي ۽ پڪي ثابت ٿي وئي ته پوءِ ان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي يا ثبوت ختم نه ٿا ڪري سگهجن يا ڪا ڳالھ لئومٽئو نه ٿي ڪري سگهجي ان ڪري ته اڳيان پويان رڳو قانون ۽ آرٽيڪل ئي آرٽيڪل ٿا پڙهجن ۽ پڙهائجن، ان ڪري ڪجھ به ٿي پئي ڪورٽ جو فيصلو غلط ناهي پوءِ ان کي کڻي چيلنج ڪن يا ڪن پر اڳتي ڪير ٻڌين يا نه ٻڌين.
پي ٽي آءِ وارن ته اهو اعلان ڪيو آهي ته اهي دبئيءَ ۾ عمرفاروق ظهور کي پڄي ڄاڻيندا ۽ ان کان ان ڳالھ جو بدلو وٺندا ته هن جيڪي به ڳالهيون يا ثبوت ڪورٽ تائين پڄايا آهن اهي سرار غلط آهن يا عمران خان جي انهن گھڙين يا تحفن جي وڪري ۾ گوگي پنهنجي سر پاڻ ملوث ناهي، هاڻي مسئلو اهو آهي ته رڳو عمران خان نه ٿو ڦاسي پر گوگي به کل لڪائي نه سگهندي يا ان جا راز به فاش ٿا ٿين جنهن جي شروع ۾ اها دعوي هوندي هئي اها پنهنجي اسٽيٽ ايجنسي هلائيندي آ ۽ ان جيڪي به پئيسا يا ڌن دولت يا جيڪو به مال ڪٺو ڪيو اٿائين اهو ان جي پنهنجي محنت آ يا ان ۾ ان جي پنهنجي سيڙپ آ پر دنيا ان ڳالھ تي حيران آ ته اهڙو ڪهڙو اسٽيٽ ايجنسيءَ جو ڪم آ جيڪو اڍائي سالن جي عرصي ۾ ماڻهوءَ کي پاڪستان ۾ ويٺي ويٺي بليننيئر (ارب پتي) ٿو ڪري ڇڏي يا گوگي وٽ اهڙو ڪهڙو داڳو ڦيڻو آ جنهن سان هوءَ رات پيٽ ۾ امير ترين ٿي ٿي وڃي، پر ڪورٽ وٽ اهي سڀ ثبوت آهن ته گوگي سواءِ ان تحفن وڪڻڻ جي ٻين ڪرپشن جي ڪمن ۾ به گوڏي تائين گتل آهي معني ايتري ڪرپشن يا اهڙي ڪرپشن جنهن جا ثبوت حڪومت وٽ يا رياست وٽ يا ڪورٽن وٽ موجود آهن جن جي آسري اهي عمران خان جي ڳچيءَ تائين هٿ پڄائي سگهن ٿا جنهن مان صادق امين جو امتحان پورو ٿيندو يا عوام ڏسندو ته ملڪ ۾ ڪير به بچيل ناهي جنهن وهندڙ گنگا مان هٿ نه ڌوتا هجن يا ٽَڪي جي ڪرپشن نه ڪئي هجي، پر ڳالھ اها به آهي ته عمران خان وٽ ڪو اهڙو ثبوت ناهي ته جي ڀلا ان دبئي جي مارڪيٽ ۾ ناهن وڪرو ڪيون ته اهي گهڙيون يا ملين روپين جي ماليت جو شيون ڪاڏي ويون يا پاڻ اهي سڀ ٽرانزيڪشن يا پئيسن جي ڦيرڦار سمجهائي يا پاڻ کي سچو ثابت ڪري، پر هاڻي وقت نڪري چڪو اٿس ۽ عمران خان جي گهر جو دروازو رڳو جيل ۾ کلڻ ٿو چاهي جيڪو رياست ڪري ڄاڻي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں