سکر(بيورورپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ پي ايف يو جي سيڪريٽري فنانس لالا اسد پٺاڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران صوبائي وزير سعيد غني ۽ ٻيا پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته اربين روپين جي بجيٽ باوجود توهان پنهنجون اسپتالون خانگي ادارن کي ڏئي رهيا آهيو، صوبائي وزير سعيد غني عدالت کي آگاهي ڏني ته اسپتالن جي مرمت جو ڪم ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن اهڙو مسئلو آهي ته پرائيويٽ اسپتالن جهڙيون ملازمن کي صحت جون سهولتون ڇو نٿيون ڏنيون وڃن، جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي دوائن جي پرچيز ڪميٽي ڇا ڪري رهي آهي، سول اسپتال ۾ وڃي ڏسو ته سموريون غير معياري دوائون موجود آهن،افسوس جي ڳالهه آهي ته سنڌ ٻن طبقن ۾ ورهائجي وئي آهي، هڪ ڦرلٽ ڪندڙ ۽ ٻيو غلام آهي، جسٽس صلاح الدين پنھور وڌيڪ چيو ته اسان جا ٻار غريبن جي اسڪولن ۾ نٿا پڙهن، ڪير اچي اسان کي ٻڌائي ته اتي نصاب ڇا آھن، فليٽس جا مسئلا آهن، 2010ع جي ٻوڏ متاثرن کي فليٽ ۾ رهايو ويو هو صوبائي وزير سعيد غني عدالت کي ٻڌايو ته رينجرز جي ڪارروائي ذريعي گلشن معمار جي ليبر فليٽن تان قبضا ختم ڪرايا ويا آهن، اسان جا ماڻهو غلط ماڻهن کي فليٽ الاٽ ڪندا هئا، ان حوالي سان نئين پاليسي جوڙي وئي آهي ته جيئن مستحق پورهيتن کي فليٽ ملي سگهن.سعيد غني جي عدالت کي آگاهي ڏيندي وڌيڪ ٻڌايو ته سکر جي مزدورن جي فليٽ بابت پاليسي موجب 33 ڪلوميٽرن ۾ ايندڙ فيڪٽرين جي مزدورن کي فليٽ الاٽ ڪيا ويندا ۔شفافيت لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهيون، جتي به گندگي ٿئي ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي نيب وٽ انڪوائري ٿي آهي جنهن ۾ ڪجهه آفيسر ضمانت تي آهن،
