عدالتن ۾ پيش ٿيڻ مسئلو ناهي پر حياتي کي خطرو آهي، سپريم ڪورٽ سيڪيورٽي ڏئي: عمران خان

لاهور (بيورو) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مون کي وزيراعظم ۽ گهرو وزير مان حياتيءَ جو خطرو آهي، تنهن ڪري سپريم ڪورٽ کان سيڪيورٽي گهري رهيا آهيون، ڇو ته انهن جي حڪومت تي اعتبار ناهي. لاهور ۾ ريلي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پنجاب جي نگران حڪومت جي قدمن مان لڳي ٿو ته اسان جي جماعت کي چونڊ مهم هلائڻ جي اجازت ناهي، لاهور ۾ سڀئي جماعتون سياسي سرگرميون ڪري رهيون آهن پر نگران حڪومت رڳو اسان جي ريلي تي پابندي هنئي. هن چيو ته ڇا اسان چونڊون بنا مهم هلائڻ جي وڙهون؟ هاڻ صوبائي اسيمبلي جي چونڊن ۾ گهٽ وقت رهجي ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ اسان چونڊ جلسن جي حوالي سان پنهنجي ڀرپور حڪمت عملي ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته مون کي ڪيسن ۾ عدالتن ۾ پيش ٿيڻ سان ڪو مسئلو ناهي پر منهنجي حياتي کي خطرو آهي، تنهن ڪري تحفظ گهري رهيو آهيان ۽ جيڪڏهن سيڪيورٽي نٿي ڏني وڃي ته وڊيو ڪانفرنس ذريعي پيش ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي، گهرو وزارت واضح طور چيو آهي ته منهنجي حياتي کي خطرو آهي، مان عدالت کي به اهو ئي چئي رهيو آهيان ته سيڪيورٽي ڏيو. عمران خان الزام هنيو ته مون کي وزيراعظم ۽ گهرو وزير مان حياتي جو خطرو آهي، حڪومت تي اعتبار ناهي، تنهن ڪري سپريم ڪورٽ کان سيڪيورٽي پيو گهران، اهي مون کي مارڻ جي سازش ۾ ملوث هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں