مردمشماري بابت وفاق کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي: مراد علي شاهه

سيوهڻ ( ن س) وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سيوهڻ پهچي ويو، حضرت لال شهباز قلندر جي 771 هين عرس مبارڪ جي آخري ڏينهن تي مزار تي چادر چاڙهي دعا ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريدالدين مصطفيٰ وڏي وزير کي يادگار شيلڊ پيش ڪئي، بعد ۾ هن غريب عورتن ۾ ڪپڙا ۽ تحفا ورهايا،  ان موقعي تي وڏي وزير جي اوقاف کاتي بابت خصوصي معاون پير سيد احمد رضا شاھ جيلاني، صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضي وهاب ايم اين اي سڪندر راھپوٽو، مخدوم ضمير، رئيس امان اللہ شاھاڻي، سيڪريٽري اوقاف منور علي مهيسر، ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊي آئي جي پوليس حيدرآباد سيد پير محمد شاهه، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن ريٽائرڊ فريد الدين مصطفيٰ ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مزار جي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حضرت لال شهباز قلندر جي 771هين عرس مبارڪ جي آخري ڏينهن تي حاضري ڀرڻ ۽ دعا ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. هن ڀيري سيڪيورٽي سميت سمورا انتظام بهتر طريقي سان ڪيا ويا آهن  ۽ الله جو ڪرم  سان  عرس مبارڪ خير سان پنهنجي پڄاڻي تي پهچندو. هڪ سوال تي هن چيو ته مردمشماري بابت وفاق کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته جنهن جي ڳڻپ ڪئي وڃي ان کي ان جي هڪ ڪاپي ڏني وڃي ته جيئن اهي پنهجي انداراج بابت معلومات حاصل ڪري سگهن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي ان جو رڪارڊ ڏنو وڃي ته جيئن اهي ڪنهن غلطيءَ جي صورت ۾ ان کي صحيح ڪري سگهن، هن چيو ته اليڪشن کان وڌيڪ اهم مسئلو مردمشماري آهي جيڪو حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. پي ٽي آئي جي ورڪر ظل شاهه جو قتل افسوسناڪ آهي پر ان ۾ پي ٽي آئي ۽ پوليس جو الڳ الڳ موقف سامهون آيو آهي  هڪ سوال تي هن چيو ته هن چيو ته  عمران خان حڪومت آءِ ايم ايف  سان جيڪي معاهدا ڪيا اهي ان تان ڦري ويا، ان ڪري هاڻي آءِ ايم ايف وارا غيريقيني جي ڪري سخت شرطون رکي رهيا آهن. هڪ سوال تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته برساتن کانپوءِ سنڌ حڪومت تڪڙا اپاءُ ورتا جنهن جي ڪري ڪڻڪ جي بهتر پيداوار ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں