لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ ڊجيٽل آدمشماري خلاف عوامي رابطه مهم جي سلسلي ۾ ڪوٺايل عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اسان سنڌ جي قومي بقا جي سلسلي ۾ سنڌ جو درد کڻي سنڌ جي گهٽي گهٽي، شهر شهر سميت مختلف حلقن ۽ طبقن ڏانهن وڃون ٿا، ڇاڪاڻ جو سنڌ ڪنهن فرد، پاڪستان جي وزيراعظم، آصف علي زرداري، فوجي جرنيل يا سپريم ڪورٽ جي ڪنهن جج اسان کي نه ڏني آهي پر سنڌ تاريخي ۽ فطري مادر وطن آهي جنهن 1947ع ۾ هن گڏيل معاهدي تحت شموليت ڪئي هئي، پاڪستان انسانن جو ٺاهيل ملڪ آهي، اڄ به تاريخ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح ٺاهيو ۽ هي ملڪ 14 آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آيو پر سنڌ جي ڄمڻ يا پيدا ٿيڻ جي ڪا تاريخ ڪونهي، لکن ۽ ڪروڙين سالن کان سنڌ مادر وطن موجود آهي ۽ پاڪستان اسان جي مادر وطن تي تشڪيل ٿيو آهي جنهن ۾ سنڌ سنڌين جي، بلوچستان بلوچن جي، پشتون خواهه پشتونن جي ۽ پنجاب پنجابين جي سرزمين آهي ان تي هي ملڪ وجود ۾ آيو آهي اسان رضاڪاراڻه طور پنهنجا اختيار ۽ وطن هن معاهدي ۾ شامل ڪيوسين نتيجي ۾ ان معاهدي جا 75 سالن جي تاريخ جا سٺا يا برا نتيجا نڪتا اها تاريخ پراڻي ناهي ان تاريخ جو هر 40 کان 50 سالن جو ماڻهو برزبان حافظ آهي، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اسان پنهنجي وطن تي پنهنجو اختيار وڃايو آهي، اسان جون زرعي زمينون ويون آهن، تہ شھر بہ. پاڪستان ٺهڻ وقت جڏهن لياقت علي خان وزيراعظم هو ته انهن قانون ٺاهيو ته سنڌ جو سنڌي مسلمان 10 هزار روپين کان وڌيڪ ملڪيت خريد نه ڪري سگهندو جنهن جو مقصد اِهو هو ته هندوئن جون ملڪيتون مقامي مسلمان نه وٺن پر جيڪي به هندوستان کان مسلمان ڀائر اچن پيا انهن کي اهي ڪليمن ۾ ڏنيون وڃن ۽ عملي طور تي اهي ملڪيتون ڏنيون به ويون، انگريزن جي دور ۾ سنڌ کي هر 6 يا 8 مهينن ٻوڏ کان بچائڻ توڙي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ بئراج ٺهيا ۽ اها بئراجي زمين سنڌ جي بي زمين هارين ۽ مقامي ڳوٺاڻن کي ملڻ کپي ها پر اها زمين پنجاب جي آبادگارن کي چڪ ٺاهي ڏني وئي، پختونخواهه ۽ بلوچستان جي ماڻهن توڙي هندوستان مان آيل ماڻهن کي ڏني وئي پر سنڌ جي بي زمين هاري کي اها زمين ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو، ان زماني ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هارين جي حق ۾ هڪ للڪار ڪئي جنهن هاري تحريڪ جو بنياد وجهي چيو ته سنڌ ۾ سنڌي آبادگارن کي زمين ڏياريو جنهن ڪري اڄ هي 50، 100 يا 200 ايڪڙ زمينن جا آبادگار پيدا ٿيا آهن اهي آبادگار ڪامريڊ حيدربخش جي تحريڪ جي نتيجي ۾ پيدا ٿي زمينن جا مالڪ ٿيا اها ٻي ڳالهه آهي ته جڏهن ڪامريڊ حيدربخش جتوئي اليڪشن لاءِ لاڙڪاڻي جي سرزمين تي بيٺو ته ان جي ضمانت ضبط ڪرائي وئي اڄ اهي سمورا ماڻهو جيڪي ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي پورهئي، پگهر ۽ جيل جي اونداهي راتين ۾ گذاريل گهڙين جي قرباني جي نتيجي ۾ زميندار ٿيا اهي وطن دوست، سنڌ پرست، ترقي پسند ۽ روشن خيال تحريڪن سان نه پر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي پويان قطارون ڪري خوشامد ڪري انهن جا بوٽ پالش ڪري رهيا آهن جيڪو سنڌ جو وڏي ۾ وڏو الميو آهي ان مان ظاهر آهي ته اسان پنهنجو وطن ڪيئن پنهنجي هٿان وڃايو آهي؟ اسان کي احساس نه ٿيو ۽ خبر نه پئي ڪجهه سجاڳ ماڻهو آهون ۽ دانهون ڪندا رهيا ته ڌاري آبادڪاري نه کپي، سنڌ جو نيلام بند ڪيو، سنڌ جي زمينن جو نيلام بند ڪيو، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي ٺاهيو پر ڪنهن به سنڌ جي اڪثريتي عوام انهن حقيقتن تي ڌيان نه ڏنو جو اڄ سنڌ اسان جي پيرن هيٺيان سِرڪندي سِرڪندي محدود دائري اندر بند ٿي وئي آهي، اڄ مان توهان کي ان وڏي سازش کان آگاهه ڪرڻ آيو آهيان جيڪا سازش مسٽر آصف علي زرداري جي بروڪري جي نتيجي ۾ هي ٽولو سنڌ جي سياست ۾ بروڪر آهن جن شاندار، سرسبز ۽ باوقار انسانن جي وطن سنڌ جو هوڪو ڏئي تين وال ڪري ۽ اسان جي وطن کي بازار جو سستو سودو ٺاهيو آهي نتيجي ۾ ڪڏهن ذوالفقار آباد، بحريه ٽائون، ڪمانڊر سٽي، ڊي ايڇ اي جي نالي تي سنڌ جي زمينن جي بندر بانٽ هلي رهي آهي، هي لکين ڪروڙين روپين جا بنگلا، هي لک لک ايڪڙن تي هائوسنگ پراجيڪٽ ٺهيل آهن اتي 100 يا 200 فوٽ فليٽ وٺڻ جي لاءِ سنڌ جي ڪنهن غريب کي طاقت به ناهي، هي سڀ محل ۽ محلاتون ڌارين جي لاءِ ٺاهيا پيا وڃن، زرداري کي سواءِ اربين ڊالر گڏ ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا دلچسپي ناهي جنهن کان پوءِ هاڻي ٻي نئين سازش ڊجيٽل آدمشماري جي ڪري ٿي رهي آهي، آءٌ 28 فيبروري کان ڊجيٽل آدمشماري خلاف عوامي رابطه جي سلسلي ۾ نڪتل آهيان ۽ مون کي جيڪي سنگين خدشا هئا اهي حڪومت جي سامهون رکيا ته اها آدمشماري اسان جي وجود جي خلاف سازش آهي ان کي بند ڪرايو وڃي تنهن ڪري اها سنڌ حڪومت جي اخلاقي ذميواري آهي. ميڙاڪي کي نامياري ليکڪ ۽ ٻارن جي سرجري جي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر سڪندر مغل، سماجي اڳواڻ ۽ نفسيات مرضن جي ماهر ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي رابطه سيڪريٽري نثار ڪيريو، ڊويزنل صدر عبدالمجيد مغيري، ضلعي صدر احمد نواز بروهي کي، نائب صدر صادق لاشاري، الهواريو، جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ عزيز الله ڀٽو، ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي اڳواڻ نظر محمد مغيري، پي پي پي شهيد ڀٽو جي ضلعي صدر لياقت عمراڻي سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو.
