ڪراچي حملي جي رٿابندي افغانستان ۾ ٿي، ماسٽرمائينڊ سميت 2 دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي پوليس آفيس تي حملي جي رٿابندي افغانستان ۾ ڪئي وئي هئي، حملي جي ماسٽرمائينڊ سميت 2 دهشتگرد مارجي ويا آهن. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل رات 3 وڳي 4 دهشتگرد موٽرسائيڪل ذريعي بلوچستان مان سنڌ ۾ داخل ٿيا. هن چيو ته سي ٽي ڊي پوليس منگهو پير جي مائي ڳاڙهي ڳوٺ وٽ دهشتگردن کي روڪيو، مقابلي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ آرياد الله ۽ توحيدالله جي نالن سان ٿي، ٻئي ڪي پي او تي حملي جا ماسٽرمائينڊ هئا، گرفتار دهشتگردن جي سڃاڻپ عبدالعزيز ۽ مهراڻ عرف مهربان جي نالن سان ٿي آهي، گرفتار دهشتگردن پنهنجو تعلق بندش پيل ٽي ٽي پي سان ٻڌايو آهي. سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران نيازي وٽ ريليون ڪڍڻ لاءِ وقت آهي. پر عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو وقت ناهي. صوبائي وزير چيو ته عمران خان نااهلي کان بچڻ لاءِ تاخيري حربا استعمال ڪري رهيو آهي. عمران خان چاهي ٿو ته سندس گرفتاري جو تماشو ٿئي ۽ رتو ڇاڻ ٿئي. هن چيو ته عمران نيازي لاءِ ڪو به قانون ناهي. هو آئين ۽ قانون کان مٿانهون آهي. مني لانڊرنگ ۽ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس گذريل 10 سالن کان هلي رهيو آهي.اڃان تائين فيصلو نه ٿي سگھيو آهي. بي آر ٽي پشاور ۾ اربين رپين جي ڪرپشن سامهون آئي آهي پر کانس پڇاڻو ڪرڻ وارو ڪير به ناھي. ھن وڌيڪ چيو ته مالم جبا، بلين ٽري سونامي جھڙا اسڪينڊل داخل دفتر ٿي ويا آهن شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان ڪيترا به بهانا ڪري وٺي، نااهلي ۽ جيل سندس مقدر بڻجي چڪو آهي. صوبائي وزير چيو تہ هاڻي پي ٽي آءِ ۾ جنگ ٻئين ۽ نمبر ٽئين وچ ۾ آهي ته عمران خان جي جاءِ ڪير ٿو ولاري. هن چيو ته عمران خان پنجاب صوبو به پي ٽي آءِ جي پراڻن ڪارڪنن کي نظرانداز ڪري ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪري ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں