ايس ٽي پي طرفان ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪئمپ، احتجاج جاري

ڪراچي(پ ر) سنڌ دشمن ڊجيٽل آدمشماري قبول ڪونهي. ترقي پسند پارٽي طرفان ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري مسلسل ڏينهن رات جاري رهندڙ احتجاج جي اڄ يارهين ڏينهن تي به مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سنڌ دوست ڌُرين جا وفد پڻ ايندا رهيا. احتجاجي ڪئمپ تي موجود سوين ڪارڪنن ۽ سنڌ دوستن ماڻھن جي ميڙ کي ايس ٽي پي وائيس چيئرمين انجنيئر گلزار سومرو، ڊاڪٽر سومار منڱريو، قادر چنه، شوڪت ابڙو، ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ ڪامريڊ حيات تنيو، عاشق ٿهيم، رجب مگسي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پي ڊي ايم جي وفاقي سرڪار وقت کان اڳ جبري طور آدمشماري ڪرائي سنڌين جي فطري ۽ آفاقي حق حڪمراني تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي. هنن چيو ته پيپلزپارٽي اقتدار پرست ۽ سنڌ دشمن پارٽي آھي جنهنجون پاليسيون سدائين موقعي پرستي واريون ۽ سنڌ جي قومي مفادن جي ابتڙ رهيون آھن. هنن چيو ته پ پ وفاقي سرڪار جي اهم اتحادي جماعت آھي جنهن ڪُلهن تي پي ڊي ايم جي حڪومت بيٺي آھي. هنن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري جهڙي طريقي سان ڪرائي پئي وڃي ان مان سنڌ جي وجود ۽ بقا کي خطرو آھي تنهن ڪري سنڌ مڪمل طور ان آدمشماري کي رد ڪري ٿي. احتجاجي ڪئمپ تي عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر لال جروار، ادي حور پليجو ۽ نوراحمد ڪاتيار، سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم جو شفيق موسوي ۽ ٻين وفدن جي صورت ۾ اچي ايس ٽي پي پاران هلندڙ جدوجهد کي وقتائو قرار ڏيندي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي انجنيئر شفيق موسوي آدمشماري جي نقصانن ۽ ٽيڪنيڪل خطرن کان پڻ آگاه ڪيو. اڄ احتجاجي ڪئمپ تي محمد علي شيخ، فواد رند، موسيٰ لُڙڪو، ساگر ابڙو، نسيم چانڊيو، ماجد شيخ سميت سوين ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں