عزيز الله ٻوهيو انسانيت جو درس ڏيندڙهو، هن مذهبي تعصب کان پاڪ سماج جو تصور ڏنو: گلشن لغاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومپرست اڳواڻ، مفڪر ۽ اسڪالر مولانا عزيز الله ٻوهيو جي 77هين سالگرهه جي تقريب اسلام آباد پريس ڪلب ۾ ملهائي وئي. ورسي تقريب کي اديبن، صحافين، وڪيلن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن خطاب ڪيو. جن عزيز الله ٻوهيو کي صدي جو عظيم انسان قرار ڏنو. هن چيو ته سندس سوچ صدين تائين زندهه رهندي. سنڌ ساگر اڪيڊمي پاران سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي نامور ليکڪا گلشن لغاري چيو ته مولانا عزيز الله ٻوهيو انسانيت جو درس ڏيندڙ مذهبي اسڪالر هو، هو مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جو پيروڪار هو. هو هڪ ئي وقت هڪ دانشور ۽ سنڌي قومپرست اڳواڻ هو، جنهن مذهبي تعصب کان پاڪ سماج جو تصور ڏنو ۽ پنهنجي زندگي ان مقصد لاءِ وقف ڪري ڇڏي. پاڪستان يونين آف جرنلسٽس جي اڳواڻ ۽ معروف صحافي خالد کوکر چيو ته عزيز الله ٻوهيو سادگي واري زندگي گذاري ۽ جمهوريت، انسانيت ۽ سيڪيولر سماج لاءِ ڪم ڪندڙ سچو سياسي ڪارڪن هو. هو انسانيت جو چيمپئن هو ۽ سندس شخصيت جهڙا ماڻهو سدائين زندهه رهندا آهن. عزيز الله ٻوهيو جي ويجهن ساٿي طاهر شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته عزيز الله ٻوهيو هڪ اهڙو عالم هو، جنهن انسانيت جي پرچار ڪئي ۽ جنهن جي جدوجهد انسانيت جي ڀلائي لاءِ هئي، هو ماڻهن کي قرآن جي اصل تعليم ڏانهن راغب ڪندو هو. ايڊووڪيٽ سرواڻ ڀيل چيو ته عزيز الله ٻوهيو اقليتن سان برابري تي يقين رکندو هو، جنهن وصيت ڪئي ته کيس ڀيل قبرستان ۾ دفن ڪيو وڃي. تقريب کي محسن ڀاڳت، ارشد ٻوهيو، اسلم سعيد گلال، جسم ڀٽو، علي شير جمالي ، غلام رسول ڪنڀر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. شاعر امير زيب ڪانگلو شاعري پڙهي، ان کان علاوه مصور جامي عزيز الله ٻوهيو جو اسڪيچ پڻ ٺاهيو ۽ عزيز الله ٻوهيو جي پٽ ارشد ٻوهيو کي تحفي طور ڏنائين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں