عمران خان نيب ڪيسن تي گائيڊ لائن گهري پر مان انڪار ڪري ڇڏيو هو: اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي چيف جسٽس (ر) ثاقب نثار چيو آهي ته عمران خان مون سان ملاقات ۾ نيب ڪيسن بابت گائيڊ لائن گهري هئي، جنهن تي مان انڪار ڪري ڇڏيو هو. نجي ٽي جي صحافي سان ڳالهائيندي ثاقب نثار چيو ته منهنجو موجوده ججن سان ڪنهن به قسم جو ڪو رابطو ناهي، عمران خان سان ٻه ملاقاتون ٿيون، پهرين ان جي وزارت عظميٰ جي دور ۾ ۽ ٻي پوءِ ٿي، پهرين ملاقات ۾ عمران خان چيو ته نيب ڪيس خراب ٿي رهيا آهن، توهان گائيڊ ڪيو، عمران خان چيو ته شهزاد اڪبر جي جاءِ تي ڪو ٻيو ماڻهو ٻڌايو جيڪو ڪيسن کي انجام تي پهچائي، مان انڪار ڪندي چيو ته پاڻ فيصلو ڪيو، جڏهن ته ٻي ملاقات ۾ عمران خان کي چيو ته عدليا بابت رات 12 وڳي واري ڳالهه نه ڪيو، عمران خان کي اهو به چيو ته عدليا تي بنا سبب تنقيد ڪري اداري کي خراب نه ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان به ٻه ملاقاتون ٿيون، پهرين ملاقات ۾ هو چندو ڏيڻ آيو هو، جڏهن ته ٻي ملاقات ڪجهه عرصو اڳ لاهور ۾ ٿي، باجوا صاحب چيو ته هو لاهور آيو آهي ۽ پنهنجي دوستن سان ملڻ چاهي ٿو. سندس موجب مان عمران خان سان جنرل باجوا بابت ڳالهه نه ڪئي، فيض حميد سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿي چڪيون آهن، جڏهن چيف جسٽس هيس ته گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيسن تي فيض حميد سان ملاقاتون ٿيون ۽ پوءِ به فيض حميد سان ملاقاتون ٿيون. اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته مريم نواز هاڻ مون کي بابا ڊيم سڏي منهنجي تذليل ڪري رهي آهي، منهنجا ٻار کلندا آهن ۽ چوندا آهن ته ن ليگ توهان کي وري جيئرو ڪري ڇڏيو، مريم نواز سياسي ڏڦيڙ ۽ مخصوص مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں