ڪراچي (بيورو رپورٽ ) “ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ بند ڪريو” جي عنوان سان عوامي تحريڪ طرفان ڪراچي پريس ڪلب ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو. وقت کان اڳ ٿيندڙ غيرقانوني آدمشماري جو عمل روڪي، آدمشماري لاءِ مختص ڪيل 35 ارب روپيا ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي خرچ ڪرڻ جو پرزور مطالبو. سيمينار ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن سان گڏ اديبن، قلمڪارن، صحافين، وڪيلن، هاري، مزدور ۽ شاگرد اڳواڻن جي وڏي انگ ۾ شرڪت. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، نيشنل عوامي پارٽي آزاد ڄمون ڪشمير جي اڳواڻ لياقت حيات، گلگت بچايو تحريڪ جي ڪنوينر شبير ميار، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري خواجا نويد، عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ اياز چانڊيو ايڊوڪيٽ، مسعود نوراني، خدا ڏنو شاه، پروفيسر اعجاز قريشي، نامياري قانوندان شهاب اوستي، شفيق موسوي، حور النسا پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ايس جي ايس ٽي جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ، مهيش ڪمار، ادريس لغاري، پير فرخ سرهندي، اسحاق سومرو، انٽيليڪچوئل فورم جي سيڪريٽري اڪبر سميت مخلتف سياسي سماجي تنظيمن، شخصيتن، اديبن، دانشورن، شاعرن، وڪيلن، صحافين، شاگردن، ٽيڪنيڪل ماهرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سيمينار کي خطاب ڪيو. سيمينار کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته پاڪستان جا حڪمران گذريل 75 سالن کان عوام جو اعتماد وڃائي چڪا آهن. پاڪستاني حڪمرانن جي پاليسين سبب مظلوم قومن کي مٿن ڪو اعتماد ڪونهي. پيپلزپارٽي سنڌ ۽ سنڌي عوام جي زندگي ۽ موت جي مسئلن تي سنڌي عوام جو صحيح ۽ چٽو موقف رکڻ بدران ڊرامي بازي پئي ڪري. پيپلزپارٽي وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن ۾ هوندي به آدمشماري کي روڪائڻ بدران نالي ماتر ۽ کوکلا بيان ڏئي سنڌي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪري سنڌي عوام ۽ قومپرست، جمهوريت پسند ڌرين طرفان آدمشماري خلاف شروع ڪيل شاندار جدوجهد کي ٽارپيڊو ڪرڻ جي سازش پئي ڪري. ان ڪري سنڌ جي جمهوريت پسندن ۽ عوام دوست ڌرين کي گهرجي ته پيپلزپارٽي جي ڊرامي بازي ۾ اچڻ بدران ڊجيٽل آدمشماري خلاف پرامن جمهوري جدوجهد جاري رکن. نيشنل عوامي پارٽي آزاد ڄمون ڪشمير جي اڳواڻ لياقت حيات چيو ته اسان وٽ الڳ سان آدمشماري ڪرائي وڃي پر سازش تحت پنجاب جي آبادي وڌائي ڏيکاري پئي وڃي. اسان جو مطالبو آهي ته هي آدمشماري غير آئيني آهي ان کي فورن رد ڪيو وڃي. جيڪي پاڪستاني آهن انهن کي غير ملڪي ڏيکاريو ٿو وڃي جيڪي غير ملڪي آهن انهن کي پاڪستاني شهري ڏيکاريو پيو وڃي. هن ملڪ ۾ حقيقي هيروز جي بدران ڌارين لٽيرن کي هتان جو هيرو ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. گلگت بلتستان بچايو تحريڪ جي ڪنوينر شبير ميار چيو ته حڪمرانن مظلوم قومن جا حق ڦريا ۽ لٽيا آهن اسان کي گڏجڻو پوندو. سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ خواجا نويد چيو ته هي ڊجيٽل آدمشماري سنڌ جي وجود تي حملو آهي. پيپلزپارٽي هميشه سنڌ جي وحدت جو سودو ڪيو آهي. پيپلزپارٽي جو قومي اسيمبلي جو نمائندو ڌارين کي سنڌ ۾ ڊوميسائيل ڏيڻ جو بل پيش ڪري ٿو. عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ايڊوڪيٽ اياز چانڊيو چيو ته سنڌ جي ڪاموري سنڌ کي وڪڻڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. پيپلزپارٽي جا وڏيرا هر وقت اسٽيبلشمنٽ سان ٺاه لاءِ راضي ويٺا آهن. پيپلزپارٽي جا سمورا وڏيرا سنڌ دشمن سازشن ۾ شريڪ آهن. انٽيليڪچوئل فورم جي سربراه، سينئر قانوندا مسعود نوراني چيو ته پاڪستان ۾ جاگيرداري نظام حاوي آهي. هن وقت تائين ملڪ تي چند وڏيرن جي حڪومت آهي. ملڪ جي بقا لاءِ وسيع تر اتحاد جي ضرورت آهي. 4 مارچ جي جدوجهد هجي يا نيلام بند ڪريو يا ايم آر ڊي جي تحريڪ هجي ان ۾ سڀ متحد هيا ۽ اڄ به ٻڌي جي ضرورت آهي. سنڌي قوم کي سخت جدوجهد ڪرڻي پوندي. سنڌ پاڪستان کي پاليندڙ آهي. سنڌ صوبو سڀني کي پالي ٿو. هن چيو ته ملڪ جي ڪرتا ڌرتائن کي گهرجي ته ڊجيٽل آدمشماري بند ڪئي وڃي. ملڪ ٺهڻ کان وٺي سنڌ ڀوڳي رهي آهي هاڻي اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌ کي ارغونن ۽ ترخانن جو فتح ڪيل علائقو سمجهي، سنڌ ۾ افغانين ۽ ٻين غيرملڪين کي سنڌ جو شهري شمار ڪري، کين سموريون سهولتون ڏئي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. اسين وفاقي حڪومت کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته سنڌ ڪو فتح ڪيل علائقو نه بلڪه سنڌ 1940ع جي قرارداد تحت هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست جي حيثيت ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿي، پاڪستان کي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پروفيسر اعجاز قريشي ڳالهائيندي چيو ته قانون موجب آدمشماري هر ڏهين سال ٿيڻي آهي پر فرمائشي آدمشماري جو مقصد ڪراچي ۾ سنڌين جي آبادي کي هٿ وٺي گهٽ ڏيکارڻ آهي. اين ايف سي ايوارڊ ۾ آدمشماري جو 82 سيڪڙو آهي جنهن جو فائدو وڏي صوبي کي ملي ٿو ۽ آدمشماري جي بنياد تي ئي سيٽون ۽ نوڪريون ملن ٿيون. ڪراچي ۾ ڌارين کي ته قابض ڪيو ويو آهي پر سنڌين لاءِ ڪراچي جا دروازا بند ڪيا ويا آهن. هن آدمشماري لاءِ ڳڻپ ڪارن جو تعداد به تمام گهٽ هجڻ سان گڏ آدمشماري لاءِ وقت به تمام گهٽ رکيو ويو آهي. سنڌ حڪومت جو آدمشماري جو موقف واضع ناهي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ سنڌ حڪومت آدمشماري مڃي آئي پر عوامي دٻاءُ بعد مٿاڇري مخالفت ڪري پئي. سنڌ حڪومت گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ وڃي آدمشماري روڪرائڻ لاءِ آواز اٿاري. شفيق موسوي چيو ته هن فرمائشي آدمشماري جو مقصد سنڌين جي آبادي کي گهٽ ڪرڻ سان گڏ ڪراچي ۾ سنڌين کي گهٽ ڏيکاري ڌارين کي قابض ڪرڻ آهي. هن آدمشماري جي نتيجي ۾ سنڌين کان حق حاڪميت کسجي ويندو. آدمشماري خاني ۾ ملڪ جي شهرين کي غير ملڪين سان گڏ لکي هتان جي رهواسين جي توهين ڪئي وئي آهي. نالي واري صحافي مهيش ڪمار چيو ته هن ملڪ ۾ جتي 82 سيڪڙو آبادي جو شرط آهي آدمشماري جي وڏي اهميت آهي. ڪراچي اسان سنڌين جو آهي پر سازش تحت ڪراچي ۾ اسان کي بي گهر ڪيو ويو آهي. پيپلزپارٽي سي سي آئي مان ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي آدمشماري منظور ڪرائي آئي آهي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري چيو ته هن آدمشماري وسيلي اسان کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. اسان سنڌين کي اسان جي شهرن مان ڌڪاريو ويو آهي ۽ سازش تحت افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي قابض ڪيو ويو آهي. ملڪي حڪمرانن اسان جي وطن کي ڌارين وٽ وڪڻي ڇڏيو آهي. ايس جي ايس ٽي جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ چيو ته اسين هن غيرقانوني ڊجيٽل آدمشماري کي مڪمل رد ڪريون ٿا. ملڪ ۾ هن وقت معاشي بحران جو شڪار آهي ان صورتحال ۾ آدمشماري تي اربين روپيا ڇو پيا خرچ ڪيا پيا وڃن. سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري چيو ته پاڪستان جا حڪمران مظلوم قومن جا ويري آهن. پيپلزپارٽي سنڌي قوم خلاف سمورن عملن ۾ سنڌ جي دشمنن جي ساٿاري آهي. ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي چيو ته عوامي تحريڪ جي هن سيمينار جو مقصد غير آئيني ۽ فرمائشي آدمشماري کي روڪڻ آهي. انٽيليڪچوئل فورم جي سيڪريٽري اڪبر چيو ته آدمشماري هر ڏهين سال ٿيڻي آهي پوءِ هن آدمشماري جو ڪو جواز ئي ڪو نه ٿو ٿئي. نوجوان ڪالم نويس ادريس لغاري چيو ته هڪ سازش تحت سنڌ خاص طور ڪراچي ۾ هن آدمشماري وسيلي ڌارين کي ملڪ جو شهري ڳڻي کين مڪمل طور قابض ڪيو ويندو. سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاه چيو ته هي آدمشماري وقت کان اڳ آهي. هي سنڌي عوام سان ڌوڪو آهي هن کي فوري بند ڪيو وڃي. نامياري قانوندان شهاب اوستو چيو ته سنڌي قوم ستل ناهي ڊجيٽل آدمشماري خلاف سنڌ مزاحمت ڪندي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حورالنسا پليجو چيو ته سنڌ تمام ڏکي حالت ۾ آهي. سنڌ جي ماڻهن مٿان آدمشماري جي تلوار لٽڪائي وئي آهي. پاڪستان ٺهڻ شرط ملڪ تي قابض حڪمرانن مظلوم قومن جي حقن جي ڦرلٽ ڪئي آهي.
ڪراچي: وقت کان اڳ آدمشماري غير قانوني ۽ غير آئيني آھي، ڊجيٽل آدمشماري جي چوغي ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ پاڪستان جي بنيادن کي لوڏڻ جي سازش بند ڪريو. عوامي تحريڪ جي ميزباني ۾ ڪراچي ۾ ٿيل سيمينار جو قراردادون منظور ڪيون ويون. سنڌي عوام سمجھي ٿو ته پيپلز پارٽيءَ جي سھولتڪاري ۾ وفاقي سرڪار ڪوڙي ۽ غيرقانوني آدمشماري وسيلي ھڪڙي ڇھن ھزارن سالن جي تاريخ ۽ تھذيب رکندڙ سنڌي قوم جو قومي وجود ميسارڻ وارو قومي، ملڪي ۽ بين الاقوامي ڏوھ ڪري سنڌي قوم جي نسل ڪُشي ڪري رھي آھي پر سنڌي عوام پنھنجي تاريخي قومي وجود ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ پرامن جمھوري جدوجھد جاري رکندو. ان سلسلي ۾ اڄوڪي ھن سيمينار ۾ شامل سمورا سنڌ جا ساڃاھ وند، اديب، شاعر، سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ، وڪيل، صحافي ۽ مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل ساڃاھ وند وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان پرزور گھر ٿا ڪن ته ڊجيٽل آدمشماريءَ جو غيرقانوني عمل روڪرايو وڃي . تازو سنڌاسيمبلي ڊجيٽل آدمشماري جي مسئلي تي قرارداد پاس ڪري چيو آھي ته اڃان تائين ھڪ ڪروڙ ٻوڏ متاثر واپس پنھنجن گھرن ڏانھن وڃي ڪونه سگھيا آھن. .ٻُڏل سنڌ ۽ دربدر ٿيل سنڌ جي عوام جي مدد ڪرڻ ,ٻيھر پنھنجن گھرن ۾ آباد ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ,گھر ٺھرائي ڏيڻ ۽ ڪيترن ئي ضلعن ۾ بيٺل پاڻي ڪڍرائڻ بدران وفاقي سرڪار طرفان سنڌ جي عوام طرفان سخت اعتراضن جي باوجود وقت کان اڳ ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي پئي وڃي. حُڪومت جي بدنيتي ان مان ظاھر آھي ته هڪڙي پاسي وڏن شهرن ۾ عملو وڌيڪ رکيو ويو آهي ۽ ٻئي پاسي ٻهراڙي جي علائقن ۾ گهٽ عملو رکيو ويو آهي، جنهن جو هڪ مثال ڪراچي آهي. ڪراچي جتي ڳتيل آبادي آهي، اتي هڪ ڳڻپ ڪار کي 1500 ماڻهو ڳڻڻ لاءِ ڏنا ويا آهن، جڏهن ته ٻهراڙي جي ضلعن ۽ علائقن ۾ جتي ڳوٺ ۽ آبادي هڪٻئي کان تمام پري رهائش پذير آهي، اتي هڪڙي ڳڻپ ڪار کي 1700 ماڻهو ڳڻڻ جو ٽارگيٽ ڏنو ويو آهي.، جيڪو ڪنهن به طرح حاصل نه ٿي سگهندو ۽ نتيجي ۾ ڳڻپ کان ماڻھو رهجي ويندا. سنڌ جي ٽن ضلعن شڪاپور، گهوٽڪي ۽ ڪشمور جي ضلعن جا لکين ماڻھو ڪچي ۾ رهن ٿا,بدامني ۽ لاقانونيت جي ڪري انھن علائقن ۾ پوليس به نٿي وڃي سگهي ۽ انهن وڃڻ کان به جواب ڏئي ڇڏيو آهي.ڪچي جي علائقن ۾ ڳڻپ وارو عملو به ڪونه وڃي سگھندو جنھن ڪري لکين ماڻھو ڳڻپ کان رھجي ويندا. ٿر ڪاڇي ڪوھستان جھڙن ڏورانھن ۽ ڏکين علائقن ۾ به ڳڻپ ڪندڙ عملي کي پھچڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آھن جنھن جي ڪري انھن علائقن ۾ به لکين ماڻھو ڳڻپ کان رھجي وڃڻ جو خدشو موجود آھي.اھڙي صورتحال ۾ وقت کان ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ جو ھڪ ئي مقصد آھي ته انگن اکرن جي ھيرا ڦيري وسيلي سنڌي عوام کي اڪثريت مان اقليت ۾ تبديل ڪري سنڌي عوام کان حق حُڪمراني کسي سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ. ايندڙ آدمشماري ڪرائڻ کان اڳ ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي تي عمل ڪندي لکين غيرملڪين کي پنھنجن ملڪن ڏانھن واپس موڪليو وڃي. اسان سمجهون ٿا ته سنڌي عوام جي سخت احتجاج کان پوءِ به جيڪڏھن زبردستي آدمشماري ڪرائي, سنڌي قوم کي پنھنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاء پنھنجا من پسند نتيجا ڪڍڻ جي سازش ڪئي وئي ته سنڌي عوام اھڙن بوگس غيرقانوني غير آئيني طاقت ۽ ڏنڊي جي زور تي ڪڍيل نتيجن کي ھرگز قبول نه ڪندي.