علي محمد ميمڻ
ملڪ ۾ ڊجيٽل آدمشماري ۽ عوام جي ڳڻپ وارو سلسلو سمورن صوبن ۾ هلندڙ آهي،. جڏهن ته سنڌ ۾آدمشماري وارو اهو معاملو 2017ع وانگر هن ڀيري به خدشن، بحثن ۽ تڪرارن جو موضوع بڻيل آهي، جڏهن ته سنڌ جي شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ڪجهه ڌرين جي منصوبا بندي سان وڌ ۾ وڌ پنهنجا ۽ پراوا ڳڻائڻ وارو سلسلو جاري آهي.سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ڊجيٽل آدمشماري جي طريقيڪار تي سخت اعتراض ۽ وفاقي حڪومت کي اعتراض ضرور موڪليا ويا آهن ۽سنڌ اسيمبلي طرفان دجيٽل آدمشماري جي تڪراري هئڻ بابت ٺهراء منظور ڪري رڪارڊ تي آندا ويا آهن. جڏهن ته سنڌ جي ترقي پسندن ۽ قوم پرست ڌرين طرفان پڻ ڊجيٽل آدمشماري جي هاڻوڪي ڳڻپ کي 10 سالن کان اڳ نه ڪرڻ واري دليل تحت مخالفت ڪندي رد ڪيو پيو وڃي. اهڙي ريت، سنڌ جي حڪومت ۽ سنڌجي سمورين سماجي ۽ سنڌين جي سياسي ۽ ڌرين جي موقف ۽ دليلن ۾ ٿوري گهڻي فرق سان جيڪا هڪجهڙائي آهي، اها ڊجيٽل آدمشماري جو تڪراري هئڻ ئي آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي، سنڌ جي شهرن ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، ٽنڊو آدم سميت سمورن ضلعن ۾رهندڙ مختلف ٻوليون ڳالهيندڙن طرفان وڏي سرگرمي سان پاڻ ڳڻائڻ وارو سلسلو جاري آهي، انهي عمل جيڪڏهن ڪنهن قوم جي ڳڻپ ۽ شمار گهٽ ٿي رهيو آهي ته اها يقينن سنڌي قوم ئي آهي جنهن جون ڌريون پاڻ ۾ ورهايل آهن ۽ قوم به مونجهان جو شڪار آهي.
ڊجيٽل آدمشماري جي حوالي سان سنڌ ۾ قومي سطح تي وقت سر تياري، اتحاد ۽ اتفاق پيدا نه ٿيڻ يقينن وڏي بدقسمتي آهي. سنڌ جي قومي معاملن جي حوالي سان سنڌ حڪومت، سنڌ جي حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ جي ترقي پسند ۽ قوم پرست ڌرين ۽ سول سوسائٽي جا رخ ۽ رستا الڳ ۽ هڪٻئي کان واٽون ويهه آهن. دلچسپ ڳالهه آهي ته، اڄ تائين نه سنڌ حڪومت، سنڌ جي قومي معاملن تي ڪا آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي آهي ۽ نه ئي سنڌ جي قوم پرست ۽ ترقي پسند ڌرين طرفان سنڌ حڪومت کي پنهجين گڏجاڻين يا ڪل جماعتي ڪانفرنسن يا ويهڪن ۾ گهرائي پڇاڻا ڪيا ويا آهن. هر هڪ ڌر پنهنجي طور تي هڪٻئي کي پنهنجي ڀت، ڪاڄ ۽ راڄ مان نيڪالي ڏيئي. قومي ڏوهاري ۽ جوابدار قرار ڏيڻ واري ڪم ۾ مصروف ۽ پنهنجي جماعت ۽ پاڻ کي وطن پرست ۽ قوم دوست سمجهڻ ۽ چوڻ واري رستي تي هلي رهيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ سنڌي قوم جون ڌريون ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿي رهيون آهن ۽ قوم۾پنهنجو ويساهه وڃائي رهيون آهن. افسوسناڪ صورتحال ته انهيء وقت پيدا ٿي جو اتر آمريڪي ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين جي سڀ کان وڏي تنظيم” سانا “ طرفان آمريڪا مان اچي سنڌ جي اهم معاملي ڊجيٽل آدمشماري تي ڪراچي ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سميت سنڌ جي سمورين جمهوريت پسندن ، ترقي پسندن ۽ سمورين قوم پرست ڌرين ۽ سول سوسائٽي جي ادارن کي هڪ جاء تي ويهاريو ويو ۽ قومي معاملن تي گڏجڻ جو سڏ ۽ تاڪيد ڪئي وئي پر افسوس ته سيمينار جي پڄاڻي تي وري سمورين ڌرين جون هڪٻئي تي لٺيون اڀيون آهن. ڊجيٽل آدمشماري 2023ع خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مختلف ترقي پسند ۽ قوم جماعتن ۽ ڌرين طرفان ڌار ڌار احتجاج، مظاهرا، ريليون، ڪانفرنسون، ميڊيا ڪانفرنسون ۽ جلسا جلوس پڻ ڪيا پيا وڃن اچرج وارو معاملو آهي ته احتجاجي ڌرين طرفان 2017ع واري ٿيل تڪراري آدمشماري کي قبول ڪري پنجن سالن بعد ٿيندڙ نئين آدمشماري جي مخالفت پڻ ڪئي پئي وڃي.
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ سندس جماعت سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن . عوامي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ طرفان ڊجيٽل آدمشماري، مهانگائي، سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ۽ زرعي پاڻي جي مسئلن جي حل ۽ صوبي جي حقن لاء سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ احتجاجي مظاهرن وارو سلسلو جاري آهي. سنڌ جي ترقي پسند نئين تنظيم، پورھيت مزاحمت تحريڪ جي حيدرآباد ۾ پھرين ڪانگريس ڪوٺائي وئي ڪانگريس جي نئين چونڊيل صدر مسرور شاهه طرفان پنهنجي تنظيم جي پاليسي خطاب ۾ چوڻ هو ته، پاڪستان جي موجوده بحران ۾ قومن جي وچ ۾ نئون سماجي معاهدو ڪيو وڃي، جنهن ۾ ملڪ کي گهڻ قومي ملڪ سمجھي قومن کي قومي حق خوداراديت ڏني وڃي. سندس چوڻ هو ته وقت کان اڳ ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪريون ٿا، اها سنڌين کي پنهنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي. هوڏانهن، سنڌ جي سول سوسائٽي جي اهم تنظيمن سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن ، دي انٽلڪچوئل فورم، سروينٽس آف سنڌ سوسائٽي ۽ سنڌ ڪوآرڊينيشن ڪائونسل ۾ شامل سول سوسائٽي جي تنظيمن طرفان سنڌ حڪومت جي اٿاريل اعتراضن کان علاوهه اها پڻ گهر ڪئي پئي وڃي ته، سنڌ ۾ پرڏيهين ۽ ٻين صوبن جي رهندڙ ماڻهن ۽ خاندانن کي ڌار ڳڻيو وڃي. خاص طور تي سنڌ جي وسيع ۽ پکيڙ وارن ضلعن ۾ موجود سموري آبادي ۽ ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل سمورن خاندانن جي ڳڻپ ۽ شمار هر قيمت تي يقيني بڻايو وڃي.
سنڌ حڪومت طرفان ڊجيٽل آدمشماري تي اٿاريل اعتراضن ۽ پيش ڪيل پنهنجي ڪيس جو پڻ گهڻو چئوٻول آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي چوڻ موجب ته سنڌ سرڪار، وفاق کي آدمشماري بابت پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ اها گهر ڪئي وئي آهي ته، ڳڻپ ڪرائيندڙ ماڻهن کي سندن ڳڻپ بابت ڪاپي مهيا ڪرڻ کان علاوهه سمورن ضلعن ۾ ٿيندڙ ڳڻپ بابت ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز کي پڻ رڪارڊ ڏنو وڃي ته جيئن ضلعن ۾ٿيندڙ ڳڻپ ۾ڪنهن غلطي جي صورت ۾ ان کي درست ڪري سگهن. وڏي وزير جي چوڻ موجب عام چونڊن کان وڌيڪ آدمشماري وارو معاملو اهم آهي جيڪو حل ٿيڻ گهرجي. مراد علي شاهه موجب، آدمشماري تي خدشا ختم نه ڪيا ويا ته صوبائي حڪومت جي حمايت واپس وٺڻ تي غور ڪنداسين. وڏي وزير جي چوڻ موجب، آدمشماري ٿيڻ گهرجي ۽سڀني کي ڳڻيو وڃي.هن چيو ته هتان ڊيٽا ڀري اسلام آباد موڪلي ويندي آهي، اسان کي ڪجهه ناهي ٻڌايو ويندو، اسان حقيقي آدمشماري چاهيون ٿا، 2017ع ۾ جيئن ٿيو اهڙي قسم جي مردشماري نه گهرجي.
سنڌ صوبي جي حڪومت طرفان ڊجيٽل آدمشماري جي طريقيڪار تي اٿاريل اعتراضن ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ منظور ڪيل ٺهراء بعد يقينن وزير اعظم شهباز شريف ۽ وفاقي حڪومت جي ادارن لاء سنڌ صوبي جي سخت ردعمل ۽ اسيمبلي جي ٺهراء ۾اٿاريل اعتراضن کي ٻڌڻ ۽ سنڌ صوبي کي مطمئن ڪرڻ ۽ آئيني ۽ قانوني گهرجون ۽ قدم کڻڻ کانسواء اڳتي وڌڻ ۽ تڪراري ڊجيٽل آدمشماري کي اڳتي وڌائڻ يقينن تمام گهڻو مشڪل ۽ تڪراري معاملو بنجي ويو آهي. ملڪ جي آئين ۽ قانون تحت صوبن کي سندن حق ضرور ملڻ گهرجن ڊجيٽل آدمشماري واري عمل ۾نادرا جي ڊيٽا کي شامل ڪيو وڃي ۽ ڪمپيوٽرائزڊ قومي شناختي ڪارڊ لکڻ لازمي قرار ڏنو وڃي.انهي عمل سان سنڌ جي سمورن شهرين ۽ سموري آبادي جي ڳڻپ ممڪن ٿي ويندي. انهيء طريقي سان پرڏيهين ۽ ٻين صوبن جي آبادي کي پڻ ڌار ڳڻڻ ممڪن ٿي ويندو. انهي ء کان علاوهه سنڌ حڪومت جي بنيادي مطالبي تحت سنڌ ۾ ٿيندڙ ڊجيٽل ڳڻپ جو رڪارڊ سنڌ جي سمورن 30 ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز کي مهيا ڪرڻ ۽ سموري سنڌ جو ڳڻپ رڪارڊ صوبائي حڪومت جي حوالي ٿيڻ بعد قانوني طريقين سان آبادي جي تصديق ڪرڻ سان سنڌ جي آدمشماري جا اصل انگ اکر پهريون ڀيرو رڪارڊ تي اچي سگهن ٿا. انهي قومي نوعيت جي مقصد لاء سمورين وفاقي سياسي جماعتن ۽ قوم پرست ڌرين کي يقينن گڏجي ويهڻو پوندو. سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي حڪمران جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي کي اڳتي وڌي سنڌ جي سمورين ڌرين سان گڏجاڻيون ڪرڻ گهرجن، ڪل جماعتي ڪانفرنسون ڪوٺائي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ۽ قانوني ۽ آئيني معاملن تي مشاورت ۽ وسيع تر اتحاد قائم ڪري اڳتي وڌڻ گهرجي.
Email. alimemonlive@yahoo.com
