لاڙڪاڻي ۾”پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ ڊجيٽل ميڊيا لاءِ شماريات جي اهميت“ بابت ورڪشاپ ڪوٺايو ويو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ بيورو آف اسٽيٽسٽڪس طرفان صحافين کي آگاهي ڏيڻ لاءِ ”پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ ڊجيٽل ميڊيا لاءِ شماريات جي اهميت“ بابت هڪ ڏينهن وارو ورڪشاپ ڪوٺايو ويو جنهن ۾ سنڌ بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر اسحاق انصاري، ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالرسول شر سميت لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي سينيئر صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ورڪشاپ ۾ ڳالهائيندي ڊي جي سنڌ بيورو آف اسٽيڪٽس ڊاڪٽر اسحاق احمد انصاري چيو ته سنڌ بيورو آف اسٽيٽسٽڪس طرفان پاپوليشن، تعليم، صحت، زراعت، فشريز، لائيو اسٽاڪ، فاريسٽ، ٽرانسپورٽ ڪميونيڪشن کاتن سميت ڪرائيم جي حوالي سان هر سال انگن اکرن سان رپورٽ جاري ڪئي ويندي آهي ھن چيو تہ صحافتي شعبي توڙي عام زندگي ۾ انگن اکرن جي وڏي اهميت آهي، پهريان مختلف ضلعن مان اهي انگ اکر گڏ ڪري رپورٽ ٺاهي ويندي هئي ان ۾ اڪثر انهن کاتن جي سيڪريٽريٽ مان وري مختلف انگ اکر ملندا هئا جنهن کان پوءِ هاڻي اسان صرف سيڪريٽريٽ مان انگ اکر وٺڻ سان گڏ خاص طور زراعت لاءِ انگ اکر گڏ ڪرڻ لاءِ سيٽلائيٽ توڙي ٻين مختلف طريقن سان انهن جي تصديق ڪري پوءِ رپورٽ جاري ڪندا آهيون. هن چيو ته سنڌ بيورو آف اسٽيٽسٽڪس طرفان مهانگائي جي حساب سان 150 شين جي قيمتن جي رپورٽ هر هفتي  جاري ڪئي ويندي آهي، غربت، ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي حوالي سان يونيسيف جي سهڪار ۽ سنڌ حڪومت جي فنڊنگ سان اسان سروي ڪري رهيا آهيون، تازو مختلف تعليمي ادارن ۾ اسان ورڪشاپ ڪرايا آهن ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته شاگردن کان سروي ڪرايون ان لاءِ ڪوششون جاري آهن. ورڪشاپ ۾ سنڌ بيورو آف اسٽيٽسٽڪس لاڙڪاڻو جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالرسول شر، سينيئر صحافين ڊاڪٽر مولابخش ڪلهوڙو، معظم سلطان بخاري، قاضي آصف، سيد جاويد شاهه، عبدالقادر جاگيراڻي، حنيف سهاڳ، طارق محمود دراني، نويد لاڙڪ، اڪبر آزاد هيسباڻي، ياسين ابڙو، رشيد سمون، ظهير ابڙو، علي گراماڻي، راجا مگسي، عبدالفتاح اوڍو، سيد سفير علي شاهه، يوسف شيخ، راجا گاڏهي، محمد ادريس بلوچ، ذيشان کوکر، قاضي فريد، قاضي نياز، سهيل قاضي سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري شماريات بابت مختلف سوال ڪيا جنهن تي سنڌ بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي ڊي جي، سينيئر صحافي قاضي آصف ۽ ٻين جواب پڻ ڏنا.    

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں