لاڙڪاڻي ۾ مغوي نوجوان جي بازيابيءَ لاءِ وارثن ڌرڻو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ميسيج ڪرڻ تان مبينا طور نوجوان اغوا، بينظير جي شهادت واري ڏينهن بي ايس سي پاس نوجوان کي لاڙڪاڻي جي پي ٽي ايس ڀرسان ڪوچ جي آفيس مان هٿياربند اغوا ڪري ويا، اڍائي مهينا گذرڻ باوجود به نوجوان واپس ٿي نه سگهيو، نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، نوجوان جي امڙ ،ڀائرن نوجوان جي بازيابيءَ لاءِ ٻارڙن سميت پاڪ ڪتاب کڻي جناح باغ چوڪ تي هٿن ۾ بينر کڻي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مبينا اغوا ٿيل نوجوان علي احمد بروهي جي امڙ نور بيبي بروهي پنهنجي پٽن منصور علي بروهي، ابوبڪر بروهي، ماسات سليم بروهي، مامي حافظ علي اڪبر ۽ معصوم ٻارڙن توڙي گهر ڀاتين سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته وارهه جي ڳوٺ محمد رمضان بروهي ۾ منهنجي نوجوان علي احمد بروهي گذريل ڊسمبر مهيني ڳوٺ جي رهواسي صدام بروهي کي موبائيل تي ميسيج اماڻيو ته صفيه بروهيءَ سان مان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن کي پسند ٿو ڪري جنهن ڳالهه تان صدام جا وارث محمد رمضان بروهي، خان محمد بروهي ۽ ٻيا مڇرجي پيا. هن الزام لڳايو ته 27 ڊسمبر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڏهاڙي لاڙڪاڻي جي پوليس ٽريننگ اسڪول سامهون ڪوچ جي آفيس ۾ پارٽ ٽائيم ڊيوٽي ڪندو هو جتان هٿياربند منهنجي نوجوان پٽ علي احمد بروهي کي کنڀي کڻي ويا جيڪو اڍائي مهينا گذرڻ جي باوجود به واپس نه ٿي سگهيو آهي، صدام جي وارثن مغوي علي احمد بروهي جي وارثن کي ڌمڪيون ڏياري موڪليون آهن ته ڳوٺ جون زمينون ۽ گهر خالي ڪري ڳوٺ مان بي دخل ٿي وڃون ته پوءِ توهان سان ٺاهه ڪنداسون ٻي صورت ۾ توهان کي علي احمد جو لاش به نه ملندو، معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي نوجوان کي آزاد ڪرائي تحفظ ڏنو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں