لاهور (بيورو) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مون کي گرفتار يا قتل ڪيو وڃي ته عوام پنهنجي جدوجهد جاري رکي. پنهنجي اهم پيغام ۾ عمران خان چيو ته پوليس مون کي پڪڙڻ ۽ جيل موڪلڻ لاءِ آئي آهي، انهن جو خيال آ ته عمران خان جيل ويو ته قوم سمهي پوندي، توهان انهن کي غلط ثابت ڪيو، توهان کي ثابت ڪرڻو آهي ته توهان زندهه قوم آهيو. هن چيو ته توهان کي پنهنجي حقن ۽ حقيقي آزادي لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي ۽ ٻاهر نڪرڻو آهي، مان توهان جي جنگ وڙهي رهيو آهيان، مون کي جيل موڪليو ويو يا ماريو ويو ته توهان کي ثابت ڪرڻو آهي عمران خان جي بنا به هيءَ قوم جدوجهد ڪندي. سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي سڄي حياتي جنگ وڙهي ۽ وڙهندو رهندس، چورن جي بدترين غلامي ۽ هڪ شخص جيڪو ملڪ جا فيصلا ڪري رهيو آهي، ان کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين، پاڪستان زنده آباد.
