نوابشاهه(ڊ ر) صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاهه جي هدايتن تي نوابشاهه جي گورنمنٽ گرلز ڊگري ڪاليج ۾ سنڌ ڪاليجز ٽيلينٽ هنٽ ضلع شهيد بينظير آباد منعقد ٿيو جنهن ۾ ضلعي جي مختلف گرلز ڪاليج جي نياڻين ثقافتي جاگرافيائي، سائنسي ماڊلز جي نمائش ڪئي جنهن کي شاگردياڻين پسند پڻ ڪيو انهي موقعي تي ڳالهائيندي گورنمنٽ گرلز ڊگري ڪاليج نوابشاهه جي پرنسپل پروفيسر لالا رُخ بلوچ، قمر ڪيريو، پروفيسر خديجه، پروفيسر شازيه مظفر، پروفيسر فوزيه، پروفيسر احسان رند، پروفيسر تسڪين فاطمه، پروفيسر امبرينا مقبول، پروفيسر صائمه پروين ۽ نمائش ۾ ماڊلز پيش ڪندڙ مختلف شاگردياڻين ڪنيزه پروين، ندا حسين چانڊيو، شهنيلا خاصخيلي، عذران ملاح، تيبه ميمڻ، سنبرين پيرزادو، شريين پيرزادو، ماريه سنديلو، مهڪ پيرزادو، حريم رضوان، مصبيٰ ورڙ، نائله، زيبا بختيار چنا، سعديه خان، رخسانه ۽ ٻين چيو ته نياڻين جي تعليمي ادارن ۾ اهڙا پروگرام منعقد ڪرڻ سان نياڻين ۾ لڪيل ٽيلينٽ ظاهر ٿئي ٿو نياڻين جي همت افزائي ٿئي ٿي نوابشاهه ۾ شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويو آهي جنهن جا مسقبل ۾ پڻ سُٺا نتيجا نڪرندا نياڻين کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ملندو سنڌ حڪومت ۽ صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاهه نياڻين جي تعليم سان گڏ اهڙيون نمائشيون منعقد ڪرائڻ ۾ پڻ دل چسپي وٺي رهيا آهن اهڙي عمل سان نياڻين جي همت افزائي ٿي رهي آهي جڏهن ته نمائش ۾ آخر ۾ ڪامياب ٿيل شاگردياڻين کي ايوارڊ شيلڊس ۽ ميڊل ڏنا ويا.
