نوابشاهه(ڊ ر) سيٺارڪي شاخ پڇڙي جي آبادگارن پاران آبپاشي کاتي جي ڪينال آبدار سميت با اثرن خلاف نوابشاهه پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ۽ حق نه ملڻ جي صورت ۾ ڊگهي جدوجهد ڪرڻ جو اعلان آبادگارن محمد حسن ڏاهري، ارباب ڏاهري، عبدالحق بروهي، عطاءُ الله بروهي، مير حمزو بروهي ۽ ٻين چيو ته آبدار سهراب مري، ڪينال علي بخش مري با اثرن سان ملي بگهت ڪري سيٺارڪي شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي غير قانوني طور تي با اثرن حوالي ڪري رهيا آهن هنن چيو ته سيٺارڪي شاخ پڇڙي جي آبادگار اڳ ئي پاڻي جي کوٽ سبب معاشي بک ۽ بدحالي کي منهن ڏئي رهيا آهن فصل نه هئڻ برابر آهن ويتر آبدار سهراب مري، ڪينال علي بخش مري ۽ با اثر اسان جي وات مان ماني جو گرهه به کسي رهيا آهن جيڪا زيادتي آهي هاڻ اهڙي زيادتي خلاف خاموش نه ويهنداسين جيڪڏهن زيادتي ختم نه ڪئي وئي ته ڊگهي جدوجهد ڪنداسين
