قاسم خاصخيلي
انسانيت جا ڪي قدر ماڻ ماپا هوندا آھن ۽ انسانيت به اها ئي سڏبي آھي جيڪا ٻئي جي ڀلائي ۽ ڏک سک ۾ ڪم اچجي، پوء ڀلي ان ڀلائي جي ڪم ۾ ڇو نه ڪيترا ڏک يا تڪليفون ڏسڻيون پون پر انسانيت سڀ کان اول ۽ سڀ کان اتم سمجھندڙ انسان يا خدمت خلق ڪندڙ شخص ئي بهتر معاشرو اڏيندڙ ليکيو ويندو آھي، انسانيت لاء هاڪاري ڪردار ادا ڪندڙ انسان ئي مستقبل جي انڌيرن ۾ روشني جو ڪرڻو هوندو آھي، اسان وٽ هن وقت اهو دؤر هلي رهيو آھي جنهن ۾ ڀاء ڀاء کان پيء پٽ کان مطلب ته هر رت جو رشتو هڪ ٻئي کان خفا خفا لڳو پيو آھي، ڪن کي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ جو فڪر لڳل آھي ته ڪن کي جائز ناجائز دولت گڏ ڪري بس اولاد لاء محل ماڙيون گاڏيون بنگلا ۽ بئنڪ بيلنس ٺاهڻو آھي، بس هرڪو پنهنجي مطب ۾ مگڻ لڳل نظر اچي ٿو، لڳي ائين رهيو آھي ته انسانيت وڃي نالي ماتر بچي آھي، اڪثر طور ڏسڻ ۾ اهو اچي ٿو ته هت ڪو به ٻئي جي ڀلائي تي نٿو سوچي هرڪو رڳو پنهنجي پاڻ لاء جي رهيو آھي، اگر ڪو آفيسر آھي ته اهو پنهنجي اصل فرض کي ڇڏي جائز ناجائز کي وساري پئسا گڏ ڪرڻ کي ترجيح ڏئي انسانيت جي تذليل ڪندي دير نٿو ڪري، اگر ڪو ڊاڪٽر آھي ته ان کي پنهنجو مسيحائي ڪردار ياد نٿو رهي، اگر ڪو پوليس ۾ آھي ته ان کي عام ماڻھو ڪيڙا ماڪوڙا ڏسڻ ۾ ٿا اچن، اگر ڪو وڪيل آھي ته ان کي سچ لڪائڻ لاء وڏا وڏا قانون ڳولي انهن جي سهاري حقدارن جا حق مارائڻ ڪوڙ تي بيگناهن کي سزائون ڏيارڻ ۽ خونين کي باعزت بري ڪرائڻ لاء ڏوڪڙن جو واپار ڪرڻ جي سوچ هوندي آھي، اگر ڪو واپاري آھي ته ان کي وري ذخيره اندوزي ڪري گھٽ اگھن تي ورتل مال ٻيڻي اگھ تي کپائي ناجائز منافعو ڪمائي فخريه انداز ۾ اولاد جي پالنا ڪرڻي آھي، ڏٺو وڃي ته هت سڄي سسٽم کي ئي ڄڻ رولو لڳو پيو آھي، ڪنهن کي به ڪنهن جو احساس ناهي رهيو، هڪ قسم جو ڄڻ ته ماڻھن مان احساس مري ويو آھي پر وري به اهڙي دؤر ۾ ڪجھ اهڙا سماج جا ڀرجھلا انسان دوست ۽ بهتر سماج اڏيندڙ ماڻھو به اسان وٽ موجود آھن جن جي خدمتن کي ڏسي انسانيت تي يقين پختو ٿيندو آھي، اهڙن سماج اڏيندڙ ڪردارن مان سڪرنڊ شھر ۾ سماجي تنظيم حاجي غلام نبي رند ڊولپمنٽ آرگنائيزيشن جي خدمت گذار اداري همدرد پاران گذريل تقريب پندرنهن سالن کان هلندڙ همدرد فري ايمبولينس جو انچارج محترم اقبال رند به هڪ اهڙو انسان دوست ڪردار آھي جنهن جي انسان ذات لاء ڪيل خدمتن تي جيترو لکجي اهو گھٽ آھي، اقبال رند نه رڳو همدرد فري ايمبولينس جو انچارج آھي پر هو هڪ درد دل ۽ حساس طبيعت رکندڙ پاڻ کي ادني ڪارڪن سمجھي پنھنجي هٿن سان ڏکويل انسانن جي خدمت ڪري فخر محسوس ڪندو آھي، سڪرنڊ شھر مين نيشنل هائي وي تي هجڻ جي ڪري سڪرنڊ ۽ آسپاس ۾ اڪثر حادثا معمول بنيل هوندا آھن، جڏهن به اقبال رند کي ڪنهن حادثي جو اطلاع ملندو آھي ته هو بنا ڪنهن دير جي ايمبولينس سميت اتي پھچي ويندو آھي، هو خدمت جي جذبي سان سرشار ٿي پنهنجي هٿن سان زخمين توڙي حادثن ۾ فوت ٿي ويندڙ انسانن کي باعزت نموني سڪرنڊ جي اسپتال کان ويندي نواب شاھ جي اسپتال تائين پهچائڻ کي پنهنجو اولين فرض سمجهندو آھي، اقبال رند پنهنجي اکين سان ڪيترن ئي حادثن جا انتهائي دردناڪ منظر ڏٺا آھن خطرناڪ حادثن ۾ جتي ڪير به لاش يا زخمي جي ويجهو وڃي ناهي سگهندو اتي اقبال رند ان جو وارث ٿي بيهندو آھي، ان کي اسپتال کڻي ويندي درد کي سھي ناهي سگهندو ۽ پنهنجي اکين مان لڙڪ لاڙي ويهندو آھي، اقبال رند پنهنجي خدمت کي عبادت سمجهي ادا ڪندڙ هڪ اهڙو انسان آھي جنهن جي خدمتن تي سڪرنڊ واسي فخر محسوس ڪندا آھن، الله پاڪ هر انسان ۾ اهڙيون خوبيون ناهي رکندو بس الله پاڪ پاڻ اهڙن ماڻھن جي چونڊ ڪندو آھي جيڪي انسان ذات لاء ھر آزمائش تي پورو لھندا هجن، انھن آزمائشن کي نڀائيندي نڀائيندي ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو ڏاڍي سخت آزمائشن ۾ به پئجي ويندو آهي ۽ اصل ۾ ان لاء اهي سخت امتحان جون گھڙيون هونديون آهيون اقبال رند تي هڪ اهڙي ئي آزمائش آئي جڏهن سندس جيجل امڙ وفات ڪري وئي ۽ لاش گهر ۾ پيل هو هر پاسي روڄ راڙو متل هو، ان غمگيني ماحول ۾ جڏهن هڪٻئي کي آٿت ڏني پئي وئي ته عين ان ئي وقت اوچتو اقبال وٽ هڪ ڪال آئي ته سڪرنڊ قاضي احمد جي وچ تي ريڻ شاخ وٽ هڪ مزدا ٽرڪ کي باھ وڪوڙي وئي آهي جنهن ۾ کير پياڪ ٻار به آهن توڙي جو اقبال جي امڙ جو مڙھ گھر ۾ هو ڪفن دفن جي تياري هلي پئي پر گهڙيون آزمائش جون هيون ۽ اقبال رند سوچيو ته سندس جيجل ته هي جھان ڇڏي چڪي آھي پر هن مھل ڪنھن ٻي جيجل جي جهولي ڇو خالي ٿئي؟ بس اهو ئي سوچي امڙ جي لاش کي مٺيون ڏئي اقبال امڙ جو مڙھ گھر ۾ ئي ڇڏي ريڻ شاخ روانو ٿي ويو جتي باھ سبب سڙي زخمي ٿيلن کي هن همدرد ايمبولينس ۾ کڻي تعلقه اسپتال سڪرنڊ پهچايو ۽ ڪنهن معصوم جي حياتي بچائڻ ۾ ڪردار ادا بعد ۾ گھر اچي پنهنجي جيجل جي جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيو، يقينن اهڙا ڪردار ئي هوندا آهن جيڪي هاڪاري سماج کي اڏيندا آهن، يقينن اقبال به بهتر سماج اڏڻ ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڀرپور انداز ۾ ڪري پاڻ مڃائي رهيو آھي، مونکي پنهنجي رب پاڪ جي رحمت مان اميد آهي ته اقبال جي اها نيڪي سندس امڙ جي بخشش جو سبب ضرور بنجندي ۽ اسان جو ايندڙ نسل به اقبال رند سان پيش ايندڙ سخت مشڪلاتن جھڙي گھڙين کي ڏسي ان جي پوئيواري ڪندي انسانيت جي خدمت کي اولين فرض سمجهندو ۽ دعا آھي ته اقبال جهڙا ڪردار مالڪ سائين اسان جي ڌرتي تي پئدا ڪندو رهي اقبال رند کي به الله پاڪ انسانيت جي خدمت جو وڌيڪ جذبو عطا فرمائي ۽ سندس کي صحت ۽ وڏي ڄمار عطا فرمائي آمين
