ڀرياسٽي (رپورٽ:غلام مرتضيٰ دشتي) ڀرياسٽي ڀرسان گورنمنٽ پرائمري اسڪول مھوال ميتلو بنيادي سھولتن بلڊنگ، پيئڻ جو صاف پاڻي، واش روم توڙي ٻين سھولتن کان محروم آھي. ان سلسلي ۾ استادن توڙي ڳوٺاڻن ممتاز ميتلو استاد گلڻ نارائي استاد نصير سولنگي ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته تازين برساتن سبب اسڪول ٽٽي پيو آھي جنھن سبب 100 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا کليل آسمان ھيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور آھن جڏھن ته اسڪول ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي باٿ روم جي پڻ سھولت ناھي ھنن ٻڌايو ته برسات ختم ٿئي 8 مھينن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آھي ان باجود ضلعي انتظاميا برساتي پاڻي نيڪال ناھي ڪرايو چونڊيل نمائندن پڻ ڪا سار ناھي لڌي علائقي اندر 4 کان 5 فوٽ برساتي پاڻي بيٺل آھي جنھن سبب رھواسي عذاب واري زندگي گذاري رھيا آھن ھنـن وزيراعليٰ سنڌ، سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري ۽ تعليم جي صوبائي وزير سردار شاھ کان مطالبو ڪندي چيو ته اسڪول لاءِ نئين بلڊنگ تعمير ڪرائي ڏني وڃي.
