لاڙڪاڻو (پ ر) جيئي سنڌ محاذ جو اعلىٰ سطحي اجلاس لاڙڪاڻي ۾ چيئرمين رياض علي چانڊيو جي صدارت ۾ ٿي گذريو ان موقعي تي محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آھي ته مردم شماري جو مسئلو پيپلزپارٽي جي لاء ناڻي وڌائڻ جو هجي يا ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي لاء يوسيون يا تڪ وڌائڻ جو هجي . پراسان ڌرتي ڌڻين جي وجود ۽ حقي حاڪميت جو مسئلو آھي اسان پي ڊي ايم ، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي طرفان شروع ڪرايل ڊجيٽل آدم شماري کي مڪمل غيرقانوني، فراڊ ۽ ڌوڪو سمجهون ٿا . هن سڄي انساني ڳڻپ جي عمل کي مڪمل طور مشڪوڪ بڻائيندي سنڌ پهتل غير ملڪين جي ڳڻپ جو اسلام آباد بندوبست ڪيو آھي، ملڪ جو شماريات جو شعبو سنڌ ۾ پنهنجي ماڻھن جي ڳڻپ ڪرائڻ جي بجاءِ افغانين بنگالين ۽ برمين کي شھري بڻائڻ جو بندوبست ڪيو آھي جيئن نادرا سنڌ واسين کي ته شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ لاء ته تيار ناهي پر ان نادرا 40 لک غيرملڪين کي شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ٺاهي ڏنا آھن . محاذ سربراه وڌيڪ چيو ته پ پ حڪومت ان غير قانوني مردم شماري کي غير قانوني ڳڻڻ جو سلسلو بند ڪري ۽ سنڌ ۾ پهتل سڀني غير ملڪين کي الڳ ڳڻپ ڪرائي پناه گزين ڪئمپن ۾ رهايو وڃي ۽ ٻين صوبن کان پهتل ماڻھن کي ڳڻي ۽ انهن کي ورڪ پرمينٽ ڏئي انهن جي عارضي رهائش جو رڪارڊ پاڻ وٽ رکي . پر پ پ سنڌ کي ايترو لاوارث بڻايو آھي جو ڪراچي پهتل ٻاهرين ماڻھن کي ڪچين آبادين جي نالي تي آباد ڪرائي زرعي ۽ باراني زمينون ميگا هائوسنگ اسڪيمن زريعي سنڌ جي ڊيموگرافي ۽ ماحوليات کي برباد پئي ڪرائي جنهن جي مذمت ڪريون ٿا اجلاس ۾ عزيزالله ڀٽو، غفار ميرجت ،اسد سومرو،اياز لولائي، ذوالفقار بليدي ،ديشي ميراڻي نومي چني ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
