ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام آباد ۾ تصويري نمائش منعقد ڪئي وئي

اسلام آباد (پ ر) ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام آباد جي آرٽ گيلري ۾ تصويري نمائش “Potpourri” منعقد ڪئي وئي. نمائش جو افتتاح رجسٽرار ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام آباد پروفيسر ڊاڪٽر سجاد اي مدني ڪيو. نمائش ۾ يونيورسٽي جي آرٽ اينڊ ڊزائين ڊپارٽمينٽ جي شاگردن پاران تيار ڪيل فن پارن کي رکيو ويو. فن پارن ۾ پينٽنگز، ڪولاج ۽ پاڪستان جا نقشا شامل هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر سجاد اي مدني شاگردن کي هدايت ڪئي ته اهي محنت ڪن ۽ پنهنجي صلاحيتن ۾ نکار لاءِ وڌ کان وڌ محنت ڪن.هن چيو ته نون رجحانن سان آگاهي شاگردن لاءِ انتهائي اهم آهي، جنهن ذريعي اهي پنهنجي فن کي روشناس ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ڪامسيٽس يونيورسٽي آرٽ گيلري جي شڪل ۾ شاگردن کي هڪ نهايت عمده پليٽ فارم مهيا ڪيو آهي، جنهن تي تسلسل سان قومي ۽ بين الاقوامي مصورن پاران ٺاهيل فن پارن کي نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں