ڪراچي (بيورو) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر اسڪيم 6 ۾ حددخلين خلاف آپريشن دوران پوليس ۽ شهرين ۾ ڇڪتاڻ دوران ڪيئي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. عدالتي حڪم تي اڱاري ڏينهن اينٽي انڪروچمينٽ سيل، پوليس ۽ هيوي مشينري ساڻ ڪري آپريشن لاءِ علائقي ۾ پهتي ته شهرين طرفان مٿن سخت پٿراءُ ڪيو ويو، جنهن دوران مڇريل ماڻهن کي روڪڻ لاءِ پوليس طرفان هوائي فائرنگ ۽ شيلنگ شروع ڪئي وئي. شهرين طرفان حملي ۾ تيزي اچڻ کانپوءِ اينٽي انڪروچمينٽ سيل هيوي مشينري ذريعي غيرقانوني اڏاوتون ڪيرائڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو. ڪي ڊي اي اختيارين موجب گلستان جوهر ۾ اربين روپين جي پلاٽن تان قبضا ڇڏائي اصل مالڪن حوالي ڪا ويندا، بلاڪ 10 ۾ صدر عارف علوي جي پلاٽ تان به قبضو ڇڏايو ويندو. اختيارين جو چوڻ آهي ته صدر جي پلاٽ تي گهر ۽ دڪان جي صورت ۾ قبضو آهي، پهرين مرحلي ۾ اٽڪل ٻه هزار پلاٽن تان قبضو ڇڏائڻو آهي. ٻئي پاسي علائقي واسين جو چوڻ آهي ته انتظاميا نوٽيس ڏيڻ بنا آپريشن ڪيو آهي، قبضا مافيا خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران عام ماڻهن کي تنگ ڪيو پيو وڃي، سنڌ سرڪار کي نوٽيس وٺي بي گهر ٿيڻ کان بچائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.
