ڪنڌڪوٽ(ڊر)ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب ۾ ڳوٺ نور حسن واسي ڳوٺاڻا قربان سبزوئي،علي اڪبر ۽ علي نواز سبزوئي پريس ڪانفرنس ۽ احتجاج ڪندي الزام هڻندي چيو آهي ته اسان جي زرعي زمين 5 ايڪڙ 3 گهنٽا جي مٿان هٿياربند ٿي ڪري تيغاڻي برادري جي عبدالفتاح تيغاڻي،عمران تيغاڻي،عبدالنبي تيغاڻي،عبدالرشيد سومرو،عبدالقادر ۽ بشير سومرو ڏاڍ ۽ زور تي قبضو ڪري ورتو آهي قبضو ڪرڻ بعد اسان سميت پوري خاندان کي سگين نتيجا ڀوڳڻ ۽ مارائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن ڪري اسان خوف ۾ آهيون ميڊيا ذريعي اعليٰ اختيارين ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اسان جي زرعي زمين تي قبضو ختم ڪرائي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي قبضي خورن مان اسان جي زندگين کي خطرو آهي اسان جي ڪنهن به فرد کي نقصان ٿيو ته قبضي خور ۽ انهن جا ساٿي ذميوار هوندا قبضي واري معاملي تي اسين پٽيشن داخل ڪرائي آهي قانوني رستو اختيار ڪيو آهي جنهن بعد قبضي خور اڃا ڌمڪيون ڏياري رهيا آهن.عبدالفتاح تيغاڻي موقف ڏيندي چيو ته اسان زمين پاڻ ورتي آهي سومري جي ذاتي زمين آهي 482 سروي نمبر زمين آ.ماپ به ٿي وئي آهي.گل حسن ميراڻي ماپ ڪرائي هئي جيڪا زمين اسان جي آهي.هاڻ به ڀل قرآن پاڪ تي ماپ ڪرائن اسان کي ڪو اعتراض ناهي.پريس ڪانفرنس ڪندڙ اسان کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن اسان جي ساک خراب ڪري رهيا آهن.
