لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ تعليم کاتي پاران گورنمينٽ بيگم نصرت ڀٽو گرلز ڊگري ڪاليج ۾ فرسٽ سنڌ ڪاليج ٽيلينٽ هنٽ جي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن جو افتتاح ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو رابعه سيال ۽ ڪاليج جي پرنسپال ثمينه ابڙو ۽ ٻين گڏجي ڪيو. تقريب ۾ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس، اي ڊي ايس جي شاگردياڻين طرفان سائنس، آرٽ ۽ هينڊي ڪرافٽس جا ماڊلس نمائش لاءِ رکيا ويا. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر رابعه سيال ۽ ٻين نمائش جو دورو ڪري ماڊلس جو جائزو وٺي شاگردياڻين کان معلومات ورتي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو رابعه سيال چيو ته فرسٽ سنڌ ڪاليج ٽيلينٽ هنٽ جي ذريعي شاگردياڻين کي پنهنجون صلاحيتون ظاهر ڪرڻ جا موقعا ملندا ۽ اهڙي قسم جا پروگرام مستقبل ۾ منعقد ڪيا وڃن جيئن شاگردياڻين جي ڀرپور حوصلا افزائي ٿي سگهي، تعليم کاتي طرفان اهڙي قسم جا پروگرام شاگردياڻين کي بهتر لاڀ ڏئي سگهنديون. ان حوالي سان ڪاليج جي پرنسپال ثمينه ابڙو چيو ته فرسٽ سنڌ ڪاليج ٽيلينٽ هنٽ جو مقصد شاگردياڻين جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ آهي جنهن ۾ شاگردياڻين پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪري ثابت ڪيو ته هو ٻين تعليمي ادارن ڪي شاگردياڻين کان گهٽ ناهن.
