آدمشماري تي بلاول ڀٽو به خدشا ظاهر ڪري چڪو آھي: سسئي پليجو

آدمشماري کي جلسن ۾ تڪراري بنائڻ بدران ويھي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن: کيئل داس ڪوھستاني
پي پي جي هن ڪانفرنس تي روڊن تي احتجاج ڪندڙن کي وڏا خدشا آهن: مهيش ڪمار
سکر کان شروع ٿيندڙ مهانگائي مارچ جو شاندار استقبال ڪبو: سردار رحيم
اسان ڊجيٽل آدمشماري ڪينسل ڪرائڻ جي حق ۾ ناهيون، پر وقت وڌايو وڃي: راشد محمود سومرو

ڪراچي: مسلم ليگ ن جي ايم اين اي کيئل داس ڪوھستاني چيو آهي ته  پ پ پاران اي پي سي جو بھترين قدم آھي. سڀني جو موقف ٻڌو ويو ۽ ھاڻي قرارداد پاس ٿيندي. اڄ پي ڊي ايم جي حڪومت ڪوشش ڪئي آھي ته سمورن صوبن جي ڳالهه ٻڌي وڃي. ھر 10 سالن ۾ مردم شماري ٿيڻ گھرجي. جلسن ۾ انھن کي تڪراري بنائڻ بدران ويھي ڳالهائين گھرجي. وزيراعظم سنڌ جا ٻوڏ دوران وڌيڪ دورا ڪيا ۽ بي سھارا ماڻهن سان مليو. ھي پھريون ڀيرو آھي. جو سموريون ڌريون گڏ حڪومت ۾ آھن . نامنظور جي نعرو نه لڳائڻ گھرجي. اسين صاف شفاف مردم شماري چاھيون ٿا. سي ايم جا پنهنجا خدشا آھن. اھي وزيراعظم  آڏو رکي. مردم شماري ٿيڻ گھرجي،  سمورين ڌرين اڄ مردم شماري ٿيڻ تي اتفاق ڪيو پر خدشن جو اظھار ڪيو ويو آهي، سنڌ واسي طور ڪو به غير قانوني طور نه ھجڻ گھرجي.

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سينيٽر سسئي پليجو آدمشماري بابت گھڻ پارٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت دوران خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي آدم شماري تي سخت اعتراض آھن ھن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به خدشا ظاهر ڪري چڪا آھن. سنڌ اسيمبلي  به ٺھراءُ پاس ڪيو آھي ان ڪري اسان جو مطالبو آهي ته آدمشماري جو مدو وڌايو وڃي. سسئي پليجو وڏيڪ چيو ته ٺٽي جي ساحلي پٽي تان لڏپلاڻ ٿي آهي. نيٽ ورڪ جا مسئلا آهن. اينيوميٽر جي تربيت نه آهي. سنڌ  جي ڪيترن ئي ضلعن مان برسات سبب لکين ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويا آهن. مون  ٺٽي سميت ٻين ضلعن ۾ وڃي يوسي سطح تي ماڻهن سان گڏجاڻيون ڪيون آهن. رڳو مسئلا ئي مسئلا آهن ٻيو ته اسان جو مطالبو آهي ته پرڏيهين کي ڌار ڳڻيو وڃي. سندين کي اقليت ۾ تبديل نه ڪيو وڃي.

ڪراچي (پ ر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آهي ته ڪرپٽ، نااهل ۽ عوام دشمن حڪمرانن عوام کان ٻن وقتن جي ماني به کسي ورتي آهي ۽ رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني کان اڳ ئي مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي آهي، ڪراچي جي عوام مهانگائي جي خلاف سکر کان شروع ٿيندڙ مهانگائي مخالف پيدل مارچ جو ڪراچي جي عوام 19 مارچ تي 3 وڳي ڪراچي پريس ڪلب تي شروع ٿيندڙ مهانگائي خلاف مارچ جو شاندار استقبال ڪري حڪمرانن خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي، پنھنجي ھڪ جار ڪيل بيان ۾ سردار رحيم چيو تہ ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي عوام جي زندگي حرام، پورهيت ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو ٻه وقت جي ماني لاءِ ترس رهيا آهن، بک ۽ بدحالي جا بادل هر طرف پکڙيل آهن، جنهن سبب امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي، بيروزگاري ۽ مهانگائي سبب عوام پنهنجي ٻارن سميت سخت پريشان آهن آپگھاتون ڪري رھيا آھن، پر حڪمرانن جي عيش عشرت ۾ گهٽتائي نه آئي آهي ۽ نه ئي ڪو فلاحي منصوبو آهي، ھن چيو تہ وڌندڙ ڦرن جي ڪري معصوم شھرين کي پنھنجي جان وڃائڻي ٿي پئي، هوڏانهن توشه خاني رپورٽ موجوده حڪمرانن جي منھن تي ڪاري دانگي ملي ڇڏي آهي، جيڪڏهن حڪمرانن ۾ ضمير هجي ها ته استعيفيٰ ڏئي گهر هليا وڃن ها، هن وڌيڪ چيو ته 19 مارچ تي 3 وڳي ڪراچي پريس ڪلب پهچنداسين، فنڪشنل ليگ ۽ جي ڊي اي جا ڪارڪن ڪراچي جي شهرين سان گڏ لانگ مارچ جو استقبال ڪندا.

ڪراچي: آدمشماري بابت گهڻ پارٽي ڪانفرنس ۾ روزاني سنڌ جي ايڊيٽر مهيش ڪمار ڳالهائيندي چيو ته هي وقت آدمشماري ڪرڻ لاء نامناسب آهي. ساڳي وقت ڊجيٽل آدمشماري لاء مناسب تياري به ناھي ڪئي وئي. ڊجيٽل آدمشماري لاء استعمال ٿيندڙ ٽيبليٽ ۽ سافٽ وويئر کي چيڪ به نه ڪيو ويو آهي ۽ نه وري ان جي خراب ٿيڻ جي صورت ۾ ڪو متبادل بندوبست ٿيل آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي هن ڪانفرنس تي روڊن تي احتجاج ڪندڙن کي وڏا خدشا آهن. ان ڪري سنڌ حڪومت کي وفاق سان ڳالھائڻ گھرجي . هن چيو ته سياسي پارٽين کي هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي سگھارو آواز بلند ڪرڻ گھرجي ھا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں