ڪراچي/ڄامشورو (نمائندن وٽان) سنڌي ايسوسيئيشن آف يو اي اي جو سرواڻ انجنيئر ماجد حيدري 47 ڏينهن کانپوءِ آزاد ٿي ويو، جيڪو جسماني طور ڪمزور ٿي ويو آهي ۽ ڊاڪٽرن آرام جو مشورو ڏنو آهي. رپورٽ موجب ماجد حيدري کي گذريل رات 3 وڳي ڌاري ڄامشورو ۾ ڇڏيو ويو، جيڪو 47 ڏينهن کان گم هو، ان حوالي سان انجنيئر ماجد حيدري جي ڪٽنب ڊاڪٽر واجد حيدري ۽ دانش حيدريجاري ڪيل پريس رليز ۾ سندس بازيابي جي تصديق ڪئي ۽ سڄي سنڌ ۾ آواز اٿاريندڙ دوستن ۽ تنظيمن کي واڌايون ڏنيون آهن. جاري ڪيل هڪ بيان مطابق آزاد ٿي آيل ماجد جي جسماني حالت ڪمزور ۽ وزن تمام گهڻو گهٽجي ويو آهي پر هو ذهني طور تي مضبوط آهي ۽ سندس حوصلا بلند آهن. بيان مطابق انجنيئر ماجد هن وقت ڊاڪٽرن جي چڪاس هيٺ آهي، جن کيس آرام جو مشورو ڏنو آهي. بيان ۾ انجنيئر ماجد جي جبري گمشدگي خلاف آواز اٿارڻ تي هاءِ ڪورٽ جي وڪيل شهاب سرڪي، سانا جي صدر مقبول هاليپوٽو، ڪانگريس مين بريڊ شرمين، ورلڊ سنڌي ڪانگريس، بي بي سي اردو، گڏيل قومن جي ادارن، ايمنسٽي انٽرنيشنل، سنڌ مسنگ پرسنز تنظيمن، ڪانسا جي تنظيم سميت انهن سڀني جا ٿورا مڃيا ويا آهن، جن ماجد جي بازيابيءَ لاءِ آواز اٿاريو ۽ احتجاج ڪيو. واضح رهي ته ماجد حيدري هڪ سنڌ دوست سياسي سماجي ڪارڪن آهي، جنهن جي آزاديءَ لاءِ سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ ڀرپور آواز اٿاريو ويو.
