ملير(ڊ.ر) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو پيادل مارچ 15 فيبروري کان سکر کان روانو ٿيل هڪ مهينو مسلسل پيدل هلڻ بعد سنڌ جي دل ڪراچي جي گهگهر ڦاٽڪ تي پهچي ويو، قافلي جي آڌر ڀاءَ سياسي، سماجي، ادبي، قومپرست اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي شخصيتن ڪيو، قافلي مٿان گلن جي ورکا ۽ آڌر ڀاءَ سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ذريعي ڪيو ويو، قافلي کي گلشن حديد ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان جي ڀاءَ جي ايم قريشي، اشرف ڪلهوڙو، جي ايم سيال، مختيار سومرو، جيئي سنڌ محاذ جي علي نواز ٻٽ، ملير بچايو اتحاد جي سيد خدا ڏنو شاهه، قومپرست اڳواڻ ادريس چانڊيو، عوامي جمهوري پارٽي جي اياز چانڊيو، جان محمد جاني، اياز قيصراڻي، کوسا، ٻرڙا، ڪلمتي، قبيلن سميت ٻوڏ متاثرين جي وڏي انگ آڌر ڀاءَ ۾ شامل، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاران سنڌ ۾ بدامني مهانگائي، بيروزگاري ۽ خراب حڪمراني خلاف دنيا کي ٻڌائڻ لاءِ اسان سکر کان ڪراچي پيادل مارچ ڪيو آهي هڪ طرف سنڌ کي ڌاڙيلن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي هٿ سان بدامني پيدا ڪري ڌاڙيل انڊسٽري کي هٿي ڏني وئي آهي، ته ٻئي طرف خراب حڪمراني، مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب خوشحال سنڌ جا مسڪين ماڻهو غربت سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ حڪمران سنڌ جي وسيلن جي ڦر لٽ ۾ لڳل آهن جن ماڻهن کين چونڊي ايوانن تائين پهچايو آهي انهن جو پيپلز پارٽي جي اڳواڻن تي ڪوبه فڪر نه آهي، حڪمران پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پورا آهن، اڳواڻن چيو ته پيادل مارچ جو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تاريخي استقبال ڏسي اسان کي يقين آهي ته سنڌ جو ماڻهو هاڻ تبديلي چاهي ۽ سنڌ لٽيندڙ حڪمرانن کان ڇوٽڪارو چاهي ٿو، 19 مارچ تي سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ لکين سنڌي ريفرنڊم ڏيندا ۽ ثابت ڪندا ته سنڌ فقط سنڌ دوستن سان گڏ آهي، قافلي جي اڳواڻي مرڪزي نائب صدر روشن ٻرڙو، اعجاز سامٽيو، مصطفي چانڊيو، منير مگسي، امير آزاد پنهور، جڳديش آهوجا، محمد علي بوزدار، قطب الدين جتوئي، عوامي تحريڪ جي اقبال جروار، امير جان چانڊيو، فيض هيسباڻي، اصغر کوسو، بدر ٿهيم، ضمير حاجاڻو ۽ ٻيڻ شرڪت ڪئي،
