اڏيرو لال ۾ مختلف ڌرين جو نازيه کوسو جي بازيابي لاءِ احتجاج

اڏيرولال(ن س) اڏيرولال جي سياسي سماجي ڌرين ڪنڌڪوٽ ۾ ڳورھاري عورت نازيا کوسو ۽ سندس معصوم ڌيءُ جي بازيابي لاءِ ڪامريڊ علي زرداري، سجاد سنڌي، اعجاز خشڪ، فرقان درس، باغي ساگر ابڙو، شريف خشڪ، ريحان خشڪ ۽ وڏيرو سهيل چني پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته ڳورهاري عورت نازيا کوسو ۽ ٻن سالن جي معصوم ڌيءُ ڪلثوم کي هٿياربند اغوا ڪري ويا هئا، هنن چيو ته اغوا ٿي ويل عورت ۽ سندس معصوم ڌيءَ جي بازيابي لاءِ پوليس ڪي به قدم ناهن کنيا. سياسي سماجي ڌرين چتاءُ ڏنو ته 2 ڏينهن اندر عورت نازيا کوسو ۽ سندس ڌيءُ کي بازياب نه ڪرايو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں