حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاري ڪاميٽي جي صدر ثمرحيدر جتوئي پنوعاقل پريس ڪلب تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ اندر هلندڙ آدمشماري کي سنڌ خلاف سمجهون ٿا اهڙي تقراري آدمشماري کي فوري طور روڪڻ جي گهر ڪيون ٿا آدمشماري ڪو به سنڌ جو پڙهيل لکيل سنڌي قبول نه ڪندو وفاق سنڌ کي پنهنجا حق نه ڏئي رهيو آهي 18هين ترميم کان پوء صوبا پنهنجا فيصلا ڪرڻ جي اختيار رکن ٿا پر وفاق 18هين ترميم تي به عمل نه پيو عمل ڪيو وڃي وفاق سنڌ ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪري رهي آهي وفاقي سرڪار سنڌ جا جائز حق تسليم نه پيو ڪري وفاق پنجاب ۾ ته اٽو فري ۾ ورهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن آفت سٽيل ٻوڏ سان تباه ٿيل سنڌ آهي پر سنڌ جي ماڻهن کي وفاق ڪو به رليف ڏيڻ لاء تيار ناهي شهبار سرڪار ننڍن صوبن خلاف سازشيون ڪري ملڪ کي نقصان پهچائي رهي آهي شهبار سرڪار عوام دشمن سرڪار ثابت ٿي آهي جنهن ۾ پورهيت هارين مزدورن کي ڪو به رليف ناهي ڏنو ويو ان موقعي فقير علي اڪبر جتوئي،ڪامريڊ محبوب حيدر،احمدنواز انقلابي ۽ ڪامريڊ ولي محمد برهماڻي گڏ هئا۔
