دڙو (رپورٽ: امداد ميمڻ) دڙو ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي جلسو/ ماما عارب ڪيڙانو جي سياسي جدوجھد تي کيس زبردست خراج تحسين پيش، ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ۾ پيپلزپارٽي برابر جي شريڪ قرار، دڙو لڳ ڳوٺ ابراهيم ڪيڙانو ۾ عوامي تحريڪ جي بنيادي ورڪر، قومي تحريڪن ۽ جدوجهدن ۾ اڳڀرو رهندڙ گل حسن عرف ماما عارب ڪيڙانو جي چاليھي جي موقعي تي جلسو منعقد ڪيو ويو، جلسي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن سميت سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار جلسي کي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ ۾ ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش ۾ پيپلزپارٽي برابر جي شريڪ آهي، ڊجيٽل آدمشماري جو عمل روڪي سنڌ ۾ آباد غير ملڪين کي واپس سندن ملڪ موڪليو وڃي، جڏھن تہ ان کان اڳ ڊاڪٽر دلدار لغاري، عبدالقادر رانٽو، علي محمد پرويز، ڪونج ڪيڙانو، اقبال جروار، حسين آزاد ميمڻ، مروبت هاليپوٽو، عزيز ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ وفاقي حڪومت ڊجيٽل آدمشماري جا من پسند نتيجا پڌرا ڪندي، وفاقي حڪومت سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪري، ھنن چيو تہ ڊجيٽل آدمشماري ذريعي غير ملڪين کي سنڌ مٿان مڙهڻ جو منصوبو آهي، آدمشماري بابت پيپلزپارٽي جي آل پارٽيز ڪانفرنس کي رد ڪريون ٿا، ھنن وڌيڪ چيو تہ ماما عارب ڪيڙانو سموري حياتي مظلومن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري، ماما عارب ديومالائي ڪردار هو،
