سنڌ جا ڊجيٽل آدمشماري تي خدشا ختم نه ڪيا ويا ته نتيجن کي قبول نه ڪيو ويندو: آل پارٽيز ڪانفرنس

ڪراچي (بيورو رپورٽ) آل پارٽيز ڪانفرنس ذريعي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته سنڌ جا ڊجيٽل آدمشماري تي خدشا ختم ڪيا وڃن، خدشا ختم ڪرڻ بنا ٿيندڙ آدمشماري جي نتيجن کي قبول نه ڪيو ويندو. اهڙو اظهار پ پ طرفان ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ مقررن خطاب ڪندي ڪيو. پي اي سي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته  ملڪ ۾ جاري مردم شماري تي ڪو موقف اختيار ڪرڻ لاءِ مختلف سياسي پارٽين کي گڏ ڪيو آهي، ھن مردم شماري تي 2017 جيان ھن تي ھينئر ئي خدشا شروع ٿي ويا  آهن، هن چيو ته گذريل حڪومت شايد 2021 ۾ اعلان ڪيو ھو ته جلدي ڊجيٽل مردم شماري ڪرائي انھي تحت تڪ بنديون ۽ اليڪشن ڪرائي ويندي. هن چيو ته  گذريل اليڪشن ۾ جيئن آر ٽي ايس فيل ٿيو، ايئن نه ٿئي جو ھن مردم شماري بابت چيو وڃي ته ٽيلبيٽ فيل ويو آھي، ڳڻپ عمل لاءِ عملو ۽ سهولتون گهٽ آهن، پبلسٽي سميت سڀني کي اعتماد ۾ به نه ورتو ويو، هن چيو ته وڏو سوال ته ڇا ھي پاڪستان جي حڪومت يا جڊيشري سمجھي ٿي ته ٻن صوبن ۾ پھرين ۽ باقي صوبن يا قومي اسيمبلي جي بعد ۾ ٻن ۾ پراڻي ۽ ٻين ۾ نيئن مردم شماري تحت الڪيشن ٿيندي. هن چيو ته ڇا اهو سمجهيو وڃي ته معصوماڻي طريقي سان پاڪستان کي ٻن حصن ۾ ورھائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. هن چيو ته جن وٽ پاڪستاني شناختي ڪارڊ ناھي ۽ غير ملڪين جي شناختي ڪارڊ جو شرط ختم آهي ته ملڪي ۽ غير ملڪي جي ڪئين خبر پوندي، ووٽ ڪٿي به ڏيندو هجي شهري پر سهولتون سنڌ سرڪار کان وٺي ٿو ته پوءِ سنڌ کي ان تحت اين ايف سي مان حصو ملڻ گهرجي، هن چيو ته جيستائين ڳڻپ عمل جو وقت نه ٿو وڌايو وڃي ۽ عملي کي تربيت نه ٿي ڏني وڃي ان وقت تائين خدشا برقرار رهندا، وڏي وزير کي چيو آهي ته وفاق سان ڳالهائي خدشا ختم ڪرايا وڃن نه ته نتيجا نه مڃينداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں