ڄامشورو ( پ ر) شهيد ﷲ بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري ۾ عالمي مڃتا ماڻيندڙ ڊزائنر ۽ آرٽ ڊائريڪٽر جرمني واسي ڊينيئل ميئر پاران ورڪشاپ منعقد ڪرايو ويو. ڊينيئل ميئر پوسٽر ميڪنگ جي حوالي سان عالمي سطح تي شهرت ماڻي چڪو آهي ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سندس پوسٽرن جي نمائش ٿي چڪي آهي، ورڪشاپ ۾ ڪميونيڪيشن ڊزائن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سماجي معاملن تي پوسٽر تيار ڪرڻ جي سکيا ڏني وئي جڏهن ته ڊينيئل ميئر پاران ليڪچر ڏنو ويو، سوالن جوابن جي مرحلو ٿيو ۽ شاگردن کان پڻ پنهنجي پسند جي موضوع تي پوسٽر ٺهرايا ويا. ورڪشاپ دوران شاگردن کي عالمي سطح تي پوسٽر ٺاهڻ جي طريقيڪار، سماجي معاملن جي نشاندهي ڪرڻ، پنهنجون تخليقي صلاحيتون نکارڻ جو موقعو مليو ورڪشاپ ڪميونيڪيشن ڊزائن ڊپارٽمينٽ شعبي جي چيئرمين محمد سليم جهتيال ۽ فيڪلٽي ميمبر فائزه جوڻيجو پاران منعقد ڪرايو ويو.
