صدر آئي او آئي ڪرس فيلڊ طرفان “ٿرپارڪر ۾ غذائيت جي تشخيص” بابت افتتاحي تقريب ۾ شرڪت

ڪراچي (بيورو) صدر آئي او آئي IOI محتسب ويسٽرن آسٽريليا ڪرس فيلڊ ۽ صدر IOI پرنسپل اسسٽنٽ آئي او آئي ريبيڪا پول پنهنجي دوري دوران 13 مارچ 2023 تي وزيراعليٰ هائوس ۾ ”ضلع ٿرپارڪر ۾ غذائيت جي تشخيص“ جي موضوع تي ريسرچ اسٽڊي جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. جتي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سندس آجيان ڪئي، جڏهن ته 14 مارچ 2023 تي سنڌ جي صوبائي محتسب اعجاز علي خان سان گڏ هن سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان به ملاقات ڪئي. بعد ۾ صوبائي محتسب سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو. جتي هن هڪ ٻوٽو پڻ لڳايو. ان موقعي تي سنڌ جي محتسب اعجاز علي خان جي دفتر جي ڪمن بابت بريفنگ ڏني. ڪراچي ۾ رهائش دوران هن مزار قائد، نيشنل ميوزيم آف پاڪستان، موهٽا پيلس ۽ هولي ٽرينٽي ڪيٿڊرل چرچ جو پڻ دورو ڪيو. صدر آئي او آئي محتسب ويسٽرن آسٽريليا ڪرس فيلڊ ۽ صدر IOI جي پرنسپل اسسٽنٽ ريبيڪا پول 16 مارچ 2023 تي پنهنجو ڪامياب دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان کان روانو ٿي ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں