فاپوآسا جون چونڊون، ڊاڪٽر ڪليم الله بڙيچ صدر ۽ اختيار علي گهمرو جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو

راولپنڊي (پ ر) فيڊريشن آف آل پاڪستان يونيورسٽيز اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسيئيشن )فاپوآسا( جو ساليانو اجلاس ۽ چونڊون سينٽر آف ايڊوانسڊ اسٽڊيز ان هيلٿ اينڊ ٽيڪنالاجي راولپنڊي ۾ ٿي گذريون. اجلاس جي صدارت فاپوآسا جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر جميل احمد چترالي ڪئي، اجلاس ۾ فاپوآسا جي وائيس چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر ڪليم الله بڙيچ سميت سڄي ملڪ جي يونيورسٽين جي اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسيئيشن جي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي چيپٽرن جي صدرن سان گڏ فاپوآسا جي مرڪزي صدر پنهنجي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي، مختلف سوالن جوابن ۽ تجويزن کان پوءِ ڪارڪردگي رپورٽ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس جي ٻئي مرحلي ۾ 2023 ع لاءِ مرڪزي ۽ صوبائي چيپٽرن لاءِ چونڊون ڪرايون ويون. چونڊن جي نتيجن موجب بلوچستان يونيورسٽي جو پروفيسر ڊاڪٽر ڪليم الله بڙيچ فاپواسا جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو، جڏهن ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ جو پروفيسر ڊاڪٽر اختيار علي گهمرو مرڪزي جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو ۽ بهاءُ الدين ذڪريا يونيورسٽي ملتان جو ڊاڪٽر فرخ ارسلان صديقي مرڪزي نائب صدر، جڏهن ته زرعي يونيورسٽي پشاور جو ڊاڪٽر بشير احمد ۽ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ٽيڪسلا جو ڊاڪٽر بشير ڊاڪٽر ميان عبدالمبين سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جا ميمبر چونڊيا ويا. بلوچستان چيپٽر جي صدر لاءِ پروفيسر فريد خان اچڪزئي، جنرل سيڪريٽري لاءِ پروفيسر نعمان ڪاڪڙ ۽ محترمه نيلوفر جميل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جا ميمبر چونڊيا ويا ڊاڪٽر فهد نذير کوسو صدر، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر باقر علي زرداري ۽ ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ميمبر ڊاڪٽر ڪامران ذڪريا کي چونڊيو ويو. پنجاب چيپٽر لاءِ پروفيسر ڊاڪٽر محمد اظهر نعيم کي صدر پروفيسر ڊاڪٽر رضوان الله جنرل سيڪريٽري ۽ ڊاڪٽر محمد اقبال کي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو خيبرپختونخواهه چيپٽر لاءِ ڊاڪٽر فيروز شاهه کي صدر، ڊاڪٽر ظفر حيات خان کي جنرل سيڪريٽري ۽ ڊاڪٽر فرمان خان کي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ميمبر چونڊيو ويو. اجلاس ۾ سڄي ملڪ جي سرڪاري يونيورسٽين خاص ڪري بلوچستان يونيورسٽي ۽ بيوٽمس کي درپيش مالي ۽ انتظامي مسئلن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو ۽ مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ويو ته يونيورسٽين جي بجيٽ ۾ سالياني واڌ ڪئي وڃي. موجوده مهانگائي جي حساب سان بجيٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ان سلسلي ۾ فاپوآسا پاران سڄي ملڪ ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بلوچستان يونيورسٽي ۽ بيوٽمز جي استادن، آفيسرن ۽ ملازمن کي ماهوار پگهارون اڃا تائين ادا نه ڪيون ويون آهن. هنن خيبرپختونخواهه جي سمورن يونيورسٽين خاص ڪري پشاور يونيورسٽي ۽ سنڌ جي يونيورسٽين کي درپيش مالي ۽ انتظامي بحران تي افسوس جو اظهار ڪندي مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ايڇ اي سي کان مطالبو ڪيو ته مالي بحران جو شڪار يونيورسٽين کي فوري طور تي بيل آئوٽ پيڪيج ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو. اجلاس ۾ بي پي ايس استادن لاءِ نئون سروس اسٽرڪچر ۽ پروموشن پاليسي جاري ڪرڻ ۽ ٽي ٽي ايس استادن جي پگهار ۽ پينشن جي پاليسي کي بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ خاص ڪري تحقيقي جرنلز خاص ڪري سندن ايڇ اي سي کان مڃتا ماڻڻ واري پيچيده طريقيڪار کي آسان ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. زيڊ ڪيٽيگري جي آرٽيڪلز جي ايڇ اي سي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جون 2020 تائين تسليم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ان دوران نئين چونڊيل ڪابينا ڊاڪٽر ڪليم الله بڙيچ ۽ جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر اختيار گهمرو جي سربراهي ۾ چيئرمين ايڇ اي سي ڊاڪٽر مختيار احمد سان ملاقات ڪئي، جنهن جا تفصيل جلد جاري ڪيا ويندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں