نوشهرو فيروز (ڊ ر) پوليس شھر ۾ ھڪ اڏي تي ڇاپو ھڻي وڪرو ڪيل عورت کي بازياب ڪرايو آھي. دادو جي رھواسڻ عورت ستاره ميراڻي کي اڏي تي وڪرو ڪيو ويو ۽ نوشهروفيروز پوليس اطلاع تي جنسي ڪاروبار جي اڏي تي ڇاپو ھنيو، جتان ڄاڻايل عورت کي ھٿ ڪيو ۽ عورت کي نوشهروفيروز ٿاڻي تي منتقل ڪيو. ان موقعي تي عورت ستاره ميراڻي ٻڌايو ته مڙس تشدد ڪري گھران ڪڍي ڇڏيو ھو جنھن ڪري دربدر ھئس ته دادو جي ھڪ شخص تحفظ ڏيارڻ جي بھاني سان مون کي نوشھروفيروز ۾ جنس فروشي جي اڏي تي اچي ڏيڍ لک ۾ وڪرو ڪيو جتي ھڪ مھيني تائين جنسي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو ھو ۽ روز رات جو ڪنھن نه ڪنھن ماڻھو جي حوالي ڪيو ويندو ۽ ڏينھن جو پڻ ماڻھو ايندا ھئا جيڪي جنسي تشدد جو بڻائيندا ھئا. هن چيو ته مان مائٽن ڏانھن نه ٿي وڃڻ چاھيان. مائٽ ۽ مڙس مون کي قتل ڪري ڇڏيندا. ٻئي پاسي ايس ايچ او نوشهروفيروز حنيف مھر ٻڌايو ته عورت کي صبح جو عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ جيڪڏھن عورت فريادي ٿي ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.
