پکو(ن س) پکو جي علائقي ۾ ڏيڍ سال اڳ پلاٽ معامري تان قتل ٿيل عورت فھميده سيال جي وارثن وٽ ميڙ منٿ قافلو پھتو وارثن عورت جو خون معاف ڪري ڇڏيو ڪيس تان پڻ ھٿ کنيو ويندو ان ڏس ۾ ڏيڍ سال اڳ پکو ٿاڻي جي حد ڳوٺ خيرپورجوسو ۾ پلاٽ جي مالڪي تان سيال ۽ اسراڻ ڌرين ۾ ٿيل جھيڙي ۾ فائرنگ دوران قتل ٿيل ٻن ٻارڙن جي ماءُ فھميده سيال جي وارثن وٽ اسراڻ ڌر جي پ پ ايم پي اي سھيل انور سيال ايم پي اي بُرھان چانڊيو ايم پي اي گھنور اسراڻ سيد مجاھد شاھ وڪيل ڪامران ڳورڙ آصف سومرو فاروق احمد جاگيراڻي سميت قمبر ضلعي جي سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن قافلي جي صورت ۾ ميڙمنٿ ڪري پھتا جنھن تي مقتول عورت جي مڙس غلام سرور سيال ۽ فريادي ڏير غلام تقي سيال آيل ميڙمنٿ کي مانُ ڏيندي مقتول عورت جو خون بخش ڪري ڇڏيو اھڙي طرح داخل ڪيل قتل ڪيس تان ھٿ کڻڻ ۽ گرفتار ٽن جوابدارن جي پڪي ضمانت لاءّ راضي نامي تي پڻ لک پڙھ ڪئي وئي ان حوالي سان مقتول عورت جي فريادي ڏير غلام تقي سيال جو چوڻ ھو ته اسان جي پلاٽ تي پ پ ايم پي اي گھنور اسراڻ جي پيءُ ڊاڪٽر شھيد اسراڻ ھٿياربند ساڻ ڪري قبضي جي ڪوشش ڪئي ھُئي ۽ ڇڪتاڻ دوران گوليون ھڻي ڀاڄائي فھميده کي قتل ڪيو ھو جنھن جو ڪيس 16 جوابدارن تي ڪيس داخل ھو جنھن مان پوليس چار جوابدار عزيز عرف ميجر اسراڻ صيف الله شاھاڻي تصور اسراڻ ۽ طالب لاڙ کي گرفتار ڪيو ھو جن مٿان دھشتگرد ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس ھلندڙ ھو جڏھن واقعي جو مُک جوابدار ڊاڪٽر غلام شھيد اسراڻ روپوشي حالت ۾ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو ھو جنھن بعد راڄوڻي لاءّ ڪيترا ڀيرا ميڙ منٿ قافلا پھتا جنھن ۾ اسان جي برادري جو سردار ايم پي اي سھيل انور سيال به شامل ھو ۽ اڄ پ پ جي قيادت اسان وٽ ميڙ ڪري پھتي ۽ اسان ميڙ کي مانُ ڏيندي مقتول عورت جو خون معاف ڪري ڇڏيو آھي ھوڏانھن ذريعن موجب عورت جي خون جو جرڳو ھڪ مھينو اڳ ڳجھ ڳوھ ۾ ايم پي اي سھيل انور سيال جي سرپنچي ۾ ٿي گذريو ھو جنھن ۾ اسراڻ ڌر مٿان ھڪ ڪروڙ 60 لک روپيه ڏنڊ مقرر ڪيو ويو جيڪو پ پ ايم پي اي گھنور اسراڻ ادا ڪيو ۽ تڪراري پلاٽ واري دعوي’ تان پڻ دستبردار ٿي ويو ھو ٻئي طرف حد جي ايس ايڇ او عبدالمجيد سڌايو ڪيس کي خارج ڪرڻ متعلق رابطي تي ڪو به موقف نه ڏنو .
