ڪراچي(پ ر) ڊجيٽل آدمشماري خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ 14هين ڏينهن به جاري رهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جو ڪراچي پريس ڪلب اڳيان قائم ڊجيٽل آدمشماري خلاف احتجاجي ڪئمب جو دورو ڪيو ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ڪنهن به صورت ۾ هي سازشي آدمشماري قبول نه ڪندي هن آدمشماري کي سنڌ جو هر مڪتب فڪر جو ماڻهو رد ڪري ٿو. اسان پنهنجي وطن جي قومي بقاءُ جي جدوجهد وڙهي رهيا آهيون. پ پ پ سرڪار کي جيڪڏهن سنڌ جو فڪر آهي ته کيس فوري طور سنڌ ۾ آدمشماري ڪندڙ عملي کي روڪن جو حڪم نامو جاري ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي هي جدوجهد هن سازش خلاف ناڪام بئائڻ تائين جاري رهندي. ان موقعي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين گلزار سومرو ، ڊاڪٽر سومار مڱريو ، قادرچنا ، امتياز سمون ، نثار ڪيريو حيات تنيو ، عاشق ٿهيم ۽ ٻيا به موجود هئا.
