ڪراچي (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آغا خان يونيورسٽي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ حڪومت جو قابل اعتماد پارٽنر رهيو آهي پر گذريل ڪجهه سالن ۾ اها ڀائيواري وڌيڪ پائيدار ٿي آهي، جڏهن ڪورونا وبا جو پهريون ڪيس سامهون آيو ته ڪيترائي ان بابت سوال اٿاريا ويا، جن جا جواب ڳولڻ ۾ آغا خان يونيورسٽي جي ماهرن اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آغا خان يونيورسٽي جي 40هين يوم تاسيس ۽ 2022ع جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پروگرام ۾ شهزادي زهرا آغا خان، چيئرمين ذاڪر محمود ۽ بورڊ آف ٽرسٽيز جي ميمبرن صدر سليمان شهاب الدين، گريجوئيٽ شاگردن ۽ سندن گهرڀاتين شرڪت ڪئي. مراد علي شاهه چيو ته آغا خان يونيورسٽي سندس حڪومت جي قابل اعتماد ۽ اهم ڀائيوار رهي آهي. پاڪستان ۾ جڏهن ڪورونا وبا جو پهريون ڪيس سامهون آيو ته ان حوالي سان ڪيترائي سوال سامهون آيا، جن جا جواب ڳولڻ ۾ آغا خان يونيورسٽي جي ماهرن اهم ڪردار ادا ڪيو. آغا خان يونيورسٽي جي ماهرن ان ڏکئي وقت ۾ هر وقت حڪومت سان سهڪار ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته جيئن ئي ڪورونا ڪيسن جو انگ وڌندو ويو ۽ اها ڳالهه سامهون آئي ته اسان کي پنهنجي ڊاڪٽرن ۽ نرسن کي ڪورونا جي مريضن جي سار سنڀال لاءِ اضافي تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي، اسان آغا خان يونيورسٽي سان رابطو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته آغا خان يونيورسٽي وڏي جوش ۽ جذبي سان سرڪاري شعبي جي صحت جي ماهرن کي تربيت ڏني آهي ۽ هڪ هاٽ لائن قائم ڪئي آهي ته جيئن سرڪاري اسپتالن ۾ آءِ سي يو ڊاڪٽر 24 ڪلاڪ انهن کان ڪرونا جي مريضن جي سار سنڀال جي حوالي سان صلاح مشورا حاصل ڪري سگهن. ان کان پهرين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهزادي زهرا آغا خان سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻس خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
